فلپائن ۾ 7.6 جي شدت جو زلزلو، شديد نقصان جو خدشو

منيلا -10 آڪٽوبر(اي پي پي) فلپائن جي ڏکڻ وارن علائقن  ۾ گذريل صبح جو شديد زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.فلپائن جي آتش فشاني ۽ ۽ زلزلو ماپيندڙ اداري موجب زلزلي جي شدت 7.6 ريڪارڊ ڪئي وئي . رپورٽ موجب زلزلو مقامي وقت موجب صبح جو 9 لڳي43 منٽن تي داوا صوبي ۽ اورينٽل جي علائقي مانائي جي اوڀر ۾ اٽڪل 62 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سمنڊ اندر 10 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ …

منيلا -10 آڪٽوبر(اي پي پي) فلپائن جي ڏکڻ وارن علائقن  ۾ گذريل صبح جو شديد زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.فلپائن جي آتش فشاني ۽ ۽ زلزلو ماپيندڙ اداري موجب زلزلي جي شدت 7.6 ريڪارڊ ڪئي وئي . رپورٽ موجب زلزلو مقامي وقت موجب صبح جو 9 لڳي43 منٽن تي داوا صوبي ۽ اورينٽل جي علائقي مانائي جي اوڀر ۾ اٽڪل 62 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سمنڊ اندر 10 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ آيو. حڪومت خبردار ڪيو آهي ته اهو زميني نوعيت جو زلزلو آهي جنهن کانپوءِ آفٽر شاڪس اچڻ جو امڪان آهي ۽ ان سان شديد جاني ۽ مالي نقصان به ٿي سگهي ٿو.