ليما _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پيرو جي پاليامينٽ صدر دينابولوارٽي خلاف مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پيرو جي پاليامنٽ جي ميمبرن مواخذي جي چئن ڌار ڌار ٺهرائن کي اڪثريتي ووٽن سان منظور ڪيو جن ۾ بولوارٽي تي مستقل اخلاقي نااهلي لاڳو ڪئي وئي آهي، اهو قدم صدر کي عهدي تان هٽائڻ جي عمل جو پهريون مرحلو آهي. اهي ٺهراءُ پيرو جي …
پيرو جي پارليامينٽ پاران صدر دينابولوارٽي خلاف مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي منظوري
ليما _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پيرو جي پاليامينٽ صدر دينابولوارٽي خلاف مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پيرو جي پاليامنٽ جي ميمبرن مواخذي جي چئن ڌار ڌار ٺهرائن کي اڪثريتي ووٽن سان منظور ڪيو جن ۾ بولوارٽي تي مستقل اخلاقي نااهلي لاڳو ڪئي وئي آهي، اهو قدم صدر کي عهدي تان هٽائڻ جي عمل جو پهريون مرحلو آهي. اهي ٺهراءُ پيرو جي اهم سياسي پارٽين جي ميمبرن پيش ڪيون جن ۾ اهي ميمبر به شامل آهن جيڪي ماضي ۾ بولوارٽي جا حامي رهيا آهن. ڊسمبر 2022ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ بولوارٽي جي حڪومت کي مسلسل عوامي احتجاج، اسڪينڊلز، جاچ ۽ تڪرارن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. صدر بولوارٽي خلاف مختلف جاچ جاري آهي جنهن ۾ قيمي تحفا، زيور ۽ واچ جي غير اعلانيل وصولي جا الزام شامل آهن جڏهن ته جولاءِ ۾ دينا بولوارٽي پنهنجي پگهار ۾ پاڻ مرادو وڏي پيماني تي اضافو به ڪيو.








