سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي علائقي اورڪزئي ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردي ۾ ملوث سمورن 30 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو

راولپنڊي-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي علائقي اورڪزئي ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردي ۾ ملوث سمورن 30 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز 7 آڪٽوبر تي اورڪزئي ضلعي ۾ پيش آيل ڪڌي واقعي ۾ ملوث خوارجين جي خلاف جوابي ڪاررواين جو هڪ سلسلو جاري رکيو آهي، جنهن ۾ …

راولپنڊي-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي علائقي اورڪزئي ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردي ۾ ملوث سمورن 30 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز 7 آڪٽوبر تي اورڪزئي ضلعي ۾ پيش آيل ڪڌي واقعي ۾ ملوث خوارجين جي خلاف جوابي ڪاررواين جو هڪ سلسلو جاري رکيو آهي، جنهن ۾ لفيٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب راحت سميت وطن جا بهادر پٽ شهيد ٿيا. آپريشن دوران حقيقي انٽيليجنس جي بنياد تي اورڪزئي ضلعي جي علائقي جمال مايا ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث سمورن 30 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي. اها ڪامياب ڪارروائي ان ڪڌي فعل جو بدلو آهي ۽ اصل ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي، علائقي ۾ ڪنهن به ٻي ڀارتي حمايت يافته خارجي جي ڳولا ڪرڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن جون ڪارروايون جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آهن.

مزید خبریں