اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سمورن لاڳاپيل حصيدارن جي مدد ۽ مشاورت سان ٽيڪس ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، پاڪستان سعودي عرب جي ويزن 2030ع مان سکڻ چاهي ٿو، آءِ ايم ايف جي مشن سان پاڪستان جي مفيد ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي. هن اها ڳالهه پاڪستان بزنس ڪائونسل، سعودي …
سمورن لاڳاپيل حصيدارن جي مدد ۽ مشاورت سان ٽيڪس ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سمورن لاڳاپيل حصيدارن جي مدد ۽ مشاورت سان ٽيڪس ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، پاڪستان سعودي عرب جي ويزن 2030ع مان سکڻ چاهي ٿو، آءِ ايم ايف جي مشن سان پاڪستان جي مفيد ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي. هن اها ڳالهه پاڪستان بزنس ڪائونسل، سعودي سيڙپڪارن جي وفد ۽ اوورسيز چيمبر آف ڪامرس جي تقريب کي ورچوئل خطاب ۾ چئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته نجي شعبي کي ملڪ جي قيادت ڪرڻي آهي، حڪومت جو ڪم پاليسي ۽ ايڪو سسٽم فراهم ڪرڻ آهي، انهي ڏس ۾ حڪومت ڪلي معيشت جي استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڪريڊٽ ريٽنگ جي ٽن عالمي ايجنسين پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ اپ گريڊ ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري آئي آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو آهي ۽ سيڙپڪاري تي حاصل منافعو به آساني سان ٻاهرين ملڪ منتقل ٿي سگهي ٿو. پاڪستان 30 سيپٽمبر تي يورو بانڊز جي ڏس ۾ 500 ملين ڊالر جي وقت سر ادائيگي ڪئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، سڌارن جو عمل سمورن لاڳاپيل حصيدارن جي مدد ۽ مشاورت سان اڳتي وڌايو پيو وڃي. ناڻي واري وزير سعودي سيڙپڪارن ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي ويزن 2030ع مان سکڻ چاهي ٿو، اسان نه رڳو حڪمت عملي پر عملي طور لاڳو ڪرڻ بابت تجربن مان لاڀ پرائڻ جا خواهشمند آهيون. روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار اقتصادي واڌ حاصل ڪرڻ ضروري آهي، ناڻي واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا سعودي عرب سان تاريخي دفاعي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهو درست رخ ۾ هڪ قدم آهي، سعودي عرب پاڪستان جو پراڻو ۽ ويجهو دوست ملڪ آهي جنهن مشڪل جي هر گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، چين سان پاڪستان جا مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن، واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هي ڀرپور موقعي جو وقت آهي ۽ سعودي سيڙپڪارن جي وفد جو پاڪستان جو دورو وقت سر آهي، حڪومت سيڙپڪاري لاءِ سازگار ۽ دوستاڻو ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سانوڻي ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو وفاقي ۽ صوبائي سطح تي شروعاتي ڪاٿو لڳايو ويو آهي، وزيراعظم ۽ حڪومت کي ان ڳالهه جي خاطري آهي ته ريسڪيو ۽ رليف قدمن لاءِ موجوده وسيلن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. تفصيلي اندازن کانپوءِ پرڏيهي مدد لاءِ چئي سگهجي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي مشن سان پاڪستان جي مفيد ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ورچوئل ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۽ ڊجيٽائيزيشن جو عمل جاري آهي.











