اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزارت پاران ملڪ ۾ امن ۽ امان لاءِ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي صلاحيت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيدڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي هن فيڊرل ڪانسٽيبلري جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ فورس جي ميوزم ۾ ۾ موجود قديم هٿيارن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. …
گهرو وزارت پاران ملڪ ۾ امن ۽ امان لاءِ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي صلاحيت وڌائڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزارت پاران ملڪ ۾ امن ۽ امان لاءِ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي صلاحيت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيدڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي هن فيڊرل ڪانسٽيبلري جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ فورس جي ميوزم ۾ ۾ موجود قديم هٿيارن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. گهرو وزير جي صدارت هيٺ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي صلاحيت وڌائي ويندي. گهرو وزير چيو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري کي هر لحاظ کان مضبوط ڪيو ويندو ته جيئن هو امن قائم ڪرڻ جي ذميواري بهترين طريقي سان نڀائي سگهي. هن ٻڌايو ته جوانن کي جديد گهرجن موجب ٽريننگ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته کين تربيت لاءِ پرڏيهه به موڪليو ويندو. محسن نقوي چيو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري کي پاڪستان جي پهرين قطار جي فورس بڻائڻ ترجيح آهي ۽ ان لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته امن امان جي بهتري لاءِ منهنجي مڪمل سپورٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري سان آهي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب فيڊرل ڪانسٽيبلري جي بهادر سپوٽن دهشتگردي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن، جن کي قوم هميشه ياد رکندي.











