اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شديد ٻاڙائي کانپوءِ 100 انڊيڪس هڪ لک 63 هزار پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. جمعي جي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پنجين ۽ آخري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شديد ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي، 1216 کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 63 هزار 314 پوائنٽس جي سطح …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شديد ٻاڙائي کانپوءِ 100 انڊيڪس هڪ لک 63 هزار پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. جمعي جي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پنجين ۽ آخري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شديد ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي، 1216 کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 63 هزار 314 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 735 پوائنٽس جي گهٽتائي سان هڪ لک 64 هزار 530 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.











