شهيد پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۽ اسان جي مٿي جو موڙ آهن، دوست نما دشمن دهشتگردن کي تحفظ ڏئي رهيا آهن، خوارج پاڙيسري ملڪ مان اچي دهشتگردي ڪن ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته شهيد پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۽ اسان جي مٿي جو موڙ آهن، دوست نما دشمن دهشتگردن کي تحفظ ڏئي رهيا آهن، خوارج پاڙيسري ملڪ مان اچي دهشتگردي ڪن ٿا، باهه ۽ پاڻي جي راند هاڻي وڌيڪ نه ٿي هلي سگهي، ٺوس …

اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته شهيد پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۽ اسان جي مٿي جو موڙ آهن، دوست نما دشمن دهشتگردن کي تحفظ ڏئي رهيا آهن، خوارج پاڙيسري ملڪ مان اچي دهشتگردي ڪن ٿا، باهه ۽ پاڻي جي راند هاڻي وڌيڪ نه ٿي هلي سگهي، ٺوس فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، فلسطين مسئلو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي، آزاد فلسطيني رياست جو قيام پهرين ڏينهن کان ئي اسان جو موقف آهي، 77 سالن کان پاڪستان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، چين پاڪستان جو انتهائي پراڻو، قابل قدر، اعتبار جوڳو ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ساٿ ڏيندڙ دوست ملڪ آهي، ان جي تعاون کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا صدين تي ٻڌل آهن، ملائيشيا جي دوري دوران شاندار استقبال ٻنهي ملڪن جي مضبوط دوستي جي علامت هو، هلندڙ مهيني مٽاسٽا جو ناڻو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 11.3 سيڪڙو وڌي ويو، بلوم برگ پاڪستان کي ترڪيه کانپوءِ ٻي اڀرندڙ معيشت قرار ڏنو آهي، ڪشميري ڀينر ڀائر اسان جي سرن جا تاج آهن، انهن جا حقيقي مسئلا اڳ ۾ به حل ڪيا آهن اڳتي به ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه هن راولپنڊي ۾ سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ جوانن سان ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب جي جنازي نماز ادا ڪئي، اورڪزئي ضلعي ۾ انهن سان گڏ پاڪ فوج جا 9 ٻيا جوان به شهيد ٿيا، شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق بهادري ۽ شجاعت جي نئين تاريخ لکي، فتنه الخوارج جي 19 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو، ان کانپوءِ پاڻ به ۽ ان جي باقي 10 ساٿين شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته خميس ڏينهن صبح هڪ ٻئي شهيد ميجر سبطين حيدر جي جنازي نماز ۾ پڻ شرڪت ڪئي، پاڪ فوج جي انهن عظيم جانبازن فتنه الخوارج جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، اسان انهن جي والدين ۽ ڀينرن ڀائرن سان ملاقات ڪئي، انهن جو جذبو ساراهه جوڳو هو. هنن چيو ته اسان جو فرزند ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو آهي ۽ شهادت ماڻي آهي، اسان الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ان قرباني تي اسان کي تمام گهڻو فخر آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جا واقعا روزانو ٿي رهيا آهن ۽ انتهائي قيمتي جانيون قربان ٿي رهيون آهن، شهيد پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري هزارين لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اهي عظيم قربانيون ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڙيسري ملڪ مان خوارج هتي اچي دهشتگردي ڪن ٿا، دوست نما دشمن دهشتگردن کي تحفظ ڏئي رهيا آهن، جنهن ملڪ انهن کي عزت ڏني، پناهه ڏني ان سان دشمني ڪري رهيا آهن، اسان جي شهيدن پنهنجي رت سان لڪير ڪڍي ڇڏي آهي، ان کي ڪير به مٽائي نه ٿو سگهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو هر صورت ۾ مڪمل خاتمو ڪرڻو آهي، وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون، پارليامينٽ، سرڪاري آفيسر، پاڪ فوج ۽ سپهه سالار ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو نه ڪيو ۽ ان جو ڪنڌ نه چيڀاٽيو ته خدا نه ڪري اها محنت رائيگان هلي ويندي، بس هاڻي گهڻو ٿيو. وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي هاڻي وڌيڪ انتظار نه ٿا ڪري سگهون، ڪراچي کان وٺي پشاور تائين پوري قوم هڪ آهي، هڪ طرف اسان معاشي ميدان ۾ اڳتي وڌن جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سفارتي ميدان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهيون، ڀارت جي خلاف معرڪي ۾ الله تعاليٰ اسان کي عظيم فتح عطا فرمائي، پاڪ فوج جي جرئت، بهادري ۽ قوم جي دعائن سان اها فتح ملي ۽ ٻئي طرف ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ دهشتگردي ٿي رهي آهي، باهه ۽ پاڻي جي راند هاڻي وڌيڪ نه ٿي هلي سگهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان کي ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته شهيد پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۽ اسان جي مٿي جا جهومڙ آهن، انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو، اهي سهولتڪار جيڪي دهشتگردن کي سهولت ڏين ٿا، انهن کي ٺڪاڻا ڏين ٿا اهي ان ڏوهه ۾ انهن سان گڏ برابر جا شريڪ آهن، سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو عزم انتهائي بلند ۽ سوچ انتهائي پختي آهي، 24 ڪروڙ عوام پوري طرح هڪ آهي ته انهن خوارج جو سدائين جي لاءِ خاتمو ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، فلسطين ۽ غزه جي معاملي تي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام ۽ پاڪ فوج، پارليامينٽ، سمورين سياسي پارٽين جو هڪ ئي موقف آهي ته غزه ۾ فوري جنگبندي ٿئي ۽ فلسطين جي عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي، ان موقف تي 77 سالن کان پاڪستان جي موقف ۾ ڪڏهن به تبديلي ناهي آئي، ڀلي ڪا به حڪومت رهي هجي، اهو ئي اسان جو موقف آهي ۽ انهي موقف کي کڻي اسان اڳتي وڌياسين، آزاد فلسطين رياست جو قيام پهرين ڏينهن کان ئي اسان جو موقف آهي، پاڪستان جو واضح موقف آهي ته غزه ۾ فوري جنگبندي ٿئي ۽ نسل ڪشيءَ بند ٿئي. وزيراعظم چيو ته نيويارڪ ۾ صدر ٽرمپ پنهنجي صدارت ۾ هڪ اجلاس گهرايو، 8 ملڪن تي ٻڌل عرب اسلامي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان کي به الله تعاليٰ عزت بخشي ۽ پاڪستان به ان ۾ شريڪ هو، 57 اسلامي ملڪن مان 8 ملڪن کي ان اجلاس جي لاءِ چونڊيو ويو، اهو ان محنت ۽ ڪوششن جو نتيجو آهي جيڪا توهان معيشت کي بهتر بڻائڻ، قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪري رهيا آهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج ڀارت کي شڪست ڏني، ان سان دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو انک ان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو، ان تي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام، پاڪ فوج، سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پوري ڪابينا کي مبارڪ هجي. هن چيو ته صدر ٽرمپ سان ملاقات ۾ پاڪ ڀارت جنگبندي ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو ۽ ان جا ٿورا ادا ڪيا ته ان جي ڪردار کي تاريخ سدائين ياد رکندي، غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ پڻ صدر ٽرمپ کي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو، صدر ٽرمپ چيو ته هن اسرائيل کي تنبيهه ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته اولهندي ڪنارو ڪڏهن به اسرائيل جو حصو نه بڻجندو، تمام واضح انداز ۾ هن ان بابت ٻڌايو. وزيراعظم چيو ته حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ مصر ۾ ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان جو باقاعده اعلان ٿي ويو آهي، هاڻي ان کانپوءِ امن طرف قدم وڌندا، پاڪستان غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ان تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪستان هاڻي اهو ملڪ آهي جنهن کي دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته واشنگٽن ۾ صدر ٽرمپ سان انتهائي تعميري ۽ ڪارائتي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، آمريڪي نائب صدر ۽ آمريڪا جو پرڏيهي وزير پڻ موجود هو، صدر ٽرمپ سان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپار، معيشت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته غزه جي حوالي سان اسلامي ملڪن جا گڏيل بيان اچي چڪا آهن، اسان اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي پاليسي ۽ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ٿيڻ گهرجي، اهو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو انتهائي پراڻو، قابل قدر، اعتماد جوڳو ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ساٿ ڏيندڙ دوست ملڪ آهي، جتي صدر ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪريون ٿا ته هن جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اتي چين پاڪستان جو انتهائي بااعتماد دوست آهي ان جي تعاون کي پاڪستان ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهي. وزيراعظم چيو ته هن سعودي عرب جو تاريخي دورو ڪيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا صدين تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪو معاهدو ٿيو آهي ان ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي باضابطا شڪل ڏني وئي آهي جنهن ۾ اهو چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن مان هڪ جي مٿان حملو ٻئي تي حملو تصور ڪيو ويندو، پوري قوم ان معاهدي کي ساراهيو آهي، سعودي عرب سان طئي ٿيندڙ معاهدو اسان جي ڀائراڻي لاڳاپن جو عڪاس آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اعليٰ سطحي حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومتي ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڪشميري ڀينر ڀائر اسان جي مٿي جا تاج آهن، انهن جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي ذميواري آهي، ان جي لاءِ ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي جيڪو ڪم ڪيو آهي ان تي انهن جو ٿورائتو آهيان، ڪشميري عوام جا حقيقي مسئلا اڳ ۾ به حل ڪيا ويا آهن ۽ تمام جلد ان حوالي سان وڌيڪ بهتري آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي دوري دوران شاندار استقبال ٻنهي ملڪن جي مضبوط دوستي جي علامت هو، ملائيشيا جي حڪومت ۽ وزيراعظم پاڪستان کي جيڪا محبت ۽ عزت ڏني آهي اها ساراهه جوڳي آهي، ملائيشيا جو وزيراعظم پاڻ استقبال جي لاءِ موجود هو، هن محبتن جا گل نڇاور ڪيا، ساڻس انتهائي ڪارائتي ملاقات ٿي، هن پاڪستان مان 200 ملين ڊالر جو گوشت درآمد ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو، ايئرپورٽ تي پاڻ رخصت ڪرڻ پڻ آيو، اها عزت رڳو منهنجي نه آهي پر 24 ڪروڙ عوام ۽ پاڪستان جي عزت آهي، ان عزت کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اسان کي وڌيڪ محنت، امانت ۽ ديانت سان ڪم ڪرڻو پوندو، اهڙي طرح جي عمل سان اسان پنهنجي منزل کي جلد ئي حاصل ڪري وٺنداسين. وزيراعظم چيو ته بلوم برگ تازي رپورٽ ۾ پاڪستان کي ترڪيه کانپوءِ ٻي اڀرندڙ معيشت قرار ڏنو آهي، اهو سمورن لاڳاپيل وزيرن، آفيسرن ۽ معاشي ٽيم جي مڪمل عزم سان اڻٿڪ ڪوششن جو اعتراف ۽ محنت جو ثمر آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ مهيني مٽاسٽا جو ناڻو 3.2 ارب ڊالر رهيو آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 11.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي.

مزید خبریں