اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ هميشه امن جي ڳالهه ڪري ٿو، اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هر ڪوئي پنهنجي ذميواري پوري ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ هن چيو ته هن ايوان ۾ آرمڊ فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي …
ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ هميشه امن جي ڳالهه ڪري ٿو، اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هر ڪوئي پنهنجي ذميواري پوري ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ هن چيو ته هن ايوان ۾ آرمڊ فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي فاتحه خواني ڪرائي وئي، ڪابينا جي اجلاس ۾ به متفقه طور تي آرمڊ فورسز جي قربانين ۽ ملڪ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. هن چيو ته انهن شهيدن جون قربانيون لازوال آهن، هڪ هڪ خاندان جو حوصلو ۽ عزم لازوال آهي، انهن جا حوصلا بلند آهن، هن چيو ته معمول جي ڪارروائي معطل ڪري پنهنجي آرمڊ فورسز ۽ عسڪري ادارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ته جيئن اڄ هن ايوان مان اهو پيغام وڃي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان متفقه طور تي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهيون. اسان سڀ هڪ زبان ۽ هڪ جان آهيون ۽ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته اسان ان جنگ خلاف ۽ آخري دهشتگردي جي خاتمي تائين هي جنگ وڙهنداسين. هن چيو ته هن جنگ ۾ جنهن جي جيڪا ذميواري آهي اهو ادا ڪندو. هن چيو ته اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي به اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان امن جو خواهشمند ۽ هميشه امن جي ڳالهه ڪري ٿو. ان کان پهرين به حق جي ويڙهه ۾ پنهنجي دفاع ۾ جيڪا ڪارروائي ڪئي اها پوري دنيا ڏٺي. اڄ سڀني جي متفقه راءِ آهي ته اڄ جي ڪارروائي ۾ پنهنجي فوج ۽ هن جنگ ۾ شريڪ سمورن ادارن سان گڏ هتان هڪ يڪجهتي جو پيغام ڏيون











