اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اورڪزئي ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف ڪارروائي ۾ شهادت ماڻيندڙ 11 آفيسرن ۽ جوانن لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي چوڻ تي علي محمد خان فاتحه خواني ڪرائي. ڄاڻايل حملي ۾ شهيد ٿي ويلن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق، ميجر طيب راحت، نائب صوبيدار اعظم گل، …
قومي اسيمبلي ۾ شهيد ٿيل 11 آفيسرن ۽ جوانن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اورڪزئي ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف ڪارروائي ۾ شهادت ماڻيندڙ 11 آفيسرن ۽ جوانن لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي چوڻ تي علي محمد خان فاتحه خواني ڪرائي. ڄاڻايل حملي ۾ شهيد ٿي ويلن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق، ميجر طيب راحت، نائب صوبيدار اعظم گل، نائيڪ عادل حسين، نائيڪ گل امير، لائنس نائيڪ شيرخان، لانس نائيڪ تالش فراز، لائنس نائيڪ ارشد، سپاهي طفيل، سپاهي عاقب ۽ سپاهي زاهد شامل هئا. ڊيره اسماعيل خان ۾ پاڪ فوج جي ميجر سبطين حيدر فتنه الخوارج خلاف ڪارروائي ۾ شهادت ماڻي، قوم شهيدن جي انهن عظيم قربانين تي سلام پيش ڪري ٿي.











