وفاقي ڪابينا نئين انرجي وهيڪل پاليسي جي منظوري ڏئي چڪي آهي، اها باقاعده لاڳو ٿي چڪي آهي: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سينيٽ جي اجلاس ۾ ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا نئين انرجي وهيڪل (اين اي وي) پاليسي جي منظوري ڏئي چڪي آهي جيڪا باقاعدگي لاڳو ٿي چڪي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير ايوان کي آگاهه ڪيو ته نئين انرجي وهيڪل پاليسي تحت صارفين کي سبسڊي ۽ فنانسنگ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن …

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سينيٽ جي اجلاس ۾ ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا نئين انرجي وهيڪل (اين اي وي) پاليسي جي منظوري ڏئي چڪي آهي جيڪا باقاعدگي لاڳو ٿي چڪي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير ايوان کي آگاهه ڪيو ته نئين انرجي وهيڪل پاليسي تحت صارفين کي سبسڊي ۽ فنانسنگ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهي اليڪٽرڪ گاڏين کي استعمال ڪن. هن ٻڌايو ته حڪومت اين اي وي اسڪيم لاءِ هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ 10 ارب روپيا رکيا آهن. ان پاليسي تحت هڪ لک 16 هزار اليڪٽرڪ موثربائيڪس ۽ 3 هزار اليڪٽرڪ رڪشائن تي سبسڊي ڏني ويندي. بلال اظهر ڪياني وڌيڪ چيو ته حڪومت 2030ع تائين سڄي ملڪ ۾ 3 هزار چارجنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ جو هدف رکي ٿي ته جيئن اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ بنيادي ڍانچو فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي، ٻارڻ تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ جديد، پائيدار ٽرانسپورٽ جي نظام کي هٿي ڏيڻ آهي.

مزید خبریں