راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ ميجر سبطين حيدر شهيد جي جنازي نماز چڪلاله گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ، فوجي ۽ سول آفيسرن ۽ شهرين جي وڏي انگ جنازي نماز …
شهيد ميجر سبطين حيدر شهيد جي جنازي نماز چڪلاله گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ ميجر سبطين حيدر شهيد جي جنازي نماز چڪلاله گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ، فوجي ۽ سول آفيسرن ۽ شهرين جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ميجر سبطين حيدر شهيد جي عمر 30 سال هئي ۽ هو ڪوئيٽا جو رهواسي هو. وزيراعظم شهباز شريف ميجر سبطين حيدر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته فتنه الخوارج يا ڪنهن به غلط نظريو رکندڙ گروهه کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، اسان جي شهيدن جو رت ڏڦيڙ پکيڙيندڙ هر ايجنٽ کي شڪست ڏيڻ ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي تحفظ جي عزم کي سگهه ڏي ٿو. شهيد کي پوري فوجي اعزاز سان اباڻي شهر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.











