پاڪستان جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اجتماعي ويزن، قيادت جي استحڪام ۽ انتظامي مهارت جي ضرورت آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اجتماعي ويزن، قيادت جي استحڪام ۽ انتظامي مهارت جي ضرورت آهي، موجوده دور ملڪ لاءِ چوٿيٽڪ آف لاءِ هڪ اهم لمحو آهي. اهڙو اظهار هن مينيجيمينٽ ايسوسيئيشن آف پاڪستان (ايم اي پي) جي ليڊنگ چينج: فرام ويزن ٽو ايڪسيلينس جي موضوع تي سالياني …

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اجتماعي ويزن، قيادت جي استحڪام ۽ انتظامي مهارت جي ضرورت آهي، موجوده دور ملڪ لاءِ چوٿيٽڪ آف لاءِ هڪ اهم لمحو آهي. اهڙو اظهار هن مينيجيمينٽ ايسوسيئيشن آف پاڪستان (ايم اي پي) جي ليڊنگ چينج: فرام ويزن ٽو ايڪسيلينس جي موضوع تي سالياني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آزادي کانپوءِ ترقي جي 3 وڏن مرحلن يا ٽيڪ آف جو تجربو ڪيو آهي. پهريون ملڪ جي تخليق کانپوءِ، ٻيو 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ معاشي لبرلائيزيشن جي دوران ۽ ٽيون 2013ع کان 2018ع تائين جڏهن توانائي جي کوٽ تي ضابطو آندو ويو ۽ سي پيڪ جي شروعات ٿي. هاڻي اسان چوٿين ٽيڪ آف جي در تي بيٺل آهيون. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي پاڪستان کي هڪ چٽاڀيٽي، جامع ۽ پراعتماد ملڪ بڻائڻ جو هڪ موقعو آهي. ويزن کان ڪاميابي طرف وڃڻ جي ضرورت تي روشني وجهندي وفاقي وزير چيو ته ايٽمي پروگرام مان گهڻو ڪجهه سکي سگهجي ٿو. هن چيو ته هي پروگرام گڏيل مقصد، قائداڻي استحڪام، ميرٽ، انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري، مناسب وسيلن ۽ فعال خودمختياري سبب ڪامياب ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ان ماڊل کي پنهنجي معيشت ۽ گورننس تي لاڳو ڪريون ٿا ته پاڪستان معيشت جي ميدان ۾ هڪ ٻيو معجزو ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اسان وٽ هنر، وسيلا ۽ جذبو آهي، جنهن شيءَ جي اسان وٽ  کوٽ هوندي آهي اها مينيجمينٽ ايڪسيلنس آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي قومون انتظامي سرمائي ۾ سيڙپڪاري ڪنديون آهن اهي ڊگهي ترقي حاصل ڪنديون آهن. هاڻوڪي اقتصادي اهڃاڻن جو حوالو ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آئي آهي، روپيو مستحڪم ٿيو آهي ۽ سيڙپڪاري جي اعتماد ۾ بهتري آئي آهي.  هن سعودي عرب، چين، آمريڪا ، يورپي يونين ۽ خليج ۽ وچ ايشيا جهڙن علائقائي بلاڪن سان پاڪستان جي مضبوط حصيداري جو به حوالو ڏنو. هن حڪومت جي قومي بحالي جي منصوبي اڏام پاڪستان جو خاڪو به پيش ڪيو جيڪو پنج ٿنڀن روانگي واپار، اي پاڪستان، ايڪوٽي ۽ بااختيار، ماحوليات ۽ خوراڪ جي حفاظت، توانائي ۽ انفرااسٽرڪچر تي ٻڌل آهي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي وفاقي وزير قائداعظم محمد علي جناح جي ايمان، اتحاد، نظم ۽ ضبط جي نصب العين تي زور ڀريو ۽ چيو ته هي اصول پاڪستان جي ترقي لاءِ اڻٽر آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان انهن قدرن موجب زندگي گذاريون ته اسان جو چوٿون ٽيڪ آف نه رڳو اسان جي معيشت پر اسان جي تقدير کي به بلند ڪري ڇڏيندو.

مزید خبریں