اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف دليري سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ميجر سبطين حيدر کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته شهيد ميجر سبطين حيدر بهادري سان 7 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ۽ پنهنجي حياتي ڏئي دشمن جي ناپاڪ …
گهرو وزير پاران ڊيره اسماعيل خان آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ ميجر سبطين حيدر کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف دليري سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ميجر سبطين حيدر کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته شهيد ميجر سبطين حيدر بهادري سان 7 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ۽ پنهنجي حياتي ڏئي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته شهيد ميجر سبطين حيدر پنهنجي رت سان شجاعت ۽ جرئت جي نئين تاريخ لکي، اهڙن بهادر سپوتن تي سڄي قوم کي فخر آهي. محسن نقوي چيو ته قوم شهيد ميجر سبطين حيدر جي جرئت، شجاعت ۽ جوانمردي کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ هميشه سندس قربانين کي ياد رکندي. وفاقي وزير شهيد ميجر سبطين حيدر جي خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.











