سيڪيورٽي فورسز طرفان ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل ڪارروائي، 7 دهشتگرد جهنم ڀيڙا، هڪ ميجر شهيد: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي – 09 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته 7 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميجر سبطين حيدر بهادري سان وڙهندي شهيد ماڻي. آءِ ايس پي آر  طرفان جاري بيان مطابق 8 آڪٽوبر تي سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگي جي …

راولپنڊي – 09 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته 7 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميجر سبطين حيدر بهادري سان وڙهندي شهيد ماڻي. آءِ ايس پي آر  طرفان جاري بيان مطابق 8 آڪٽوبر تي سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي علائقي درابن ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران پاڪ فوج جي جوانن اثرائتي ڪارروائي ڪري 7 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ 30 سالن جو ميجر سبطين حيدر بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. مارجي ويل خوارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود به هٿ ڪيو ويو آهي. اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين سان گڏوگڏ بي گناهه شهرين جي قتل ۾ به سرگرم رهيا. علائقي ۾ ڪنهن به ڀارتي حمايت يافته خارجي جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسانجي اهڙن بهادر پٽن جون قربانيون اسانجي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

مزید خبریں