اسلام آباد - 09 آڪٽوبر(اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 چترال ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جتي پولنگ 23 نومبر تي ٿيندي، اها سيٽ قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالطيف جي نااهلي سبب خالي ٿي هئي. اليڪشن ڪميشن طرفان گذريل ڏينهن جاري شيڊول مطابق ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين آڪٽوبر جي فيصلي جي روشني ۾ پنهنجا اختيار استعمال ڪندي …
اليڪشن ڪميشن طرفان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 چترال ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر(اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 چترال ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جتي پولنگ 23 نومبر تي ٿيندي، اها سيٽ قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالطيف جي نااهلي سبب خالي ٿي هئي. اليڪشن ڪميشن طرفان گذريل ڏينهن جاري شيڊول مطابق ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين آڪٽوبر جي فيصلي جي روشني ۾ پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ان تڪ ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو آهي. شيڊول مطابق نامزدگي ڪاغذ 15 کان 17 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا جنهن جي جانچ پڙتال 22 آڪٽوبر تائين ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 27 آڪٽوبر تائين داخل ڪرائي سگهجن ٿيون ۽ اپيلٽ ٽربيونل طرفان انهن تي فيصلو 3 نومبر تائين ٿيندو. نظر ثاني ٿيل لسٽ 4 نومبر تي جاري ڪئي ويندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 5 نومبر تائين واپس وٺي سگهجن ٿا. اميدوارن کي چونڊ نشان 6 نومبر تي الاٽ ڪيا ويندا جڏهن ته پولنگ 23 نومبر تي ٿيندي. ريجنل اليڪشن ڪمشنر مالاڪنڊ اعجاز احمد کي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.











