اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڏيهه موڪليل ناڻي ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته سيپٽمبر 2025ع ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين 3.2 ارب ڊالرن جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو آهي جيڪو گذريل سال سيپٽمبر جي …
پرڏيهه مان موڪليل ناڻو نه رڳو خاندانن لاءِ پر ملڪ جي پرڏيهي کاتي لاءِ به مضبوط سهارو آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڏيهه موڪليل ناڻي ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته سيپٽمبر 2025ع ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين 3.2 ارب ڊالرن جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو آهي جيڪو گذريل سال سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 11.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن چيو ته پرڏيهه مان موڪليل ناڻو نه رڳو خاندانن لاءِ اهم آهر پر ملڪ جي پرڏيهي کاتي لاءِ به مضبوط سهارو آهي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته پهرين ٽه ماهي (جولاءِ کان سيپٽمبر) دوران پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جي مد ۾ 9.5 ارب ڊالر وصول ٿيا آهن جيڪي گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 8.8 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 8.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن.











