پيپلز ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي 80هين يوم تاسيس تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد جي شرڪت

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پيپلز ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي 80هين يوم تاسيس جي تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد شرڪت ڪئي جنهن جي اڳواڻي پارٽي جي سيڪريٽري همايون خان ڪئي. پيپلز پارٽي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي همايون خان خاص مهمان هو. تقريب ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ پراڻن لاڳاپن ۽ گڏيل دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار …

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پيپلز ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي 80هين يوم تاسيس جي تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد شرڪت ڪئي جنهن جي اڳواڻي پارٽي جي سيڪريٽري همايون خان ڪئي. پيپلز پارٽي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي همايون خان خاص مهمان هو. تقريب ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ پراڻن لاڳاپن ۽ گڏيل دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. تقريب دوران پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ورڪرز پارٽي آف ڪوريا وچ ۾ سياسي ،سماجي ۽ ثقافتي سطح تي سهڪار کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. وفد ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪوريا سان لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.

مزید خبریں