پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان تيزي، 100 انڊيڪس ۾ 1066 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس ڏينهن ڪاروباري سرگرمين دوران نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن  ته سيڙپڪارن شيئرز جي ڀرپور خريداري ڪئي. ڏينهن جي شروعات سان ئي مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان رهيو ۽ ڪاروبار جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس 1066 پوائنٽس جي اضافي سان 166333 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو، مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري ڏٺي …

اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس ڏينهن ڪاروباري سرگرمين دوران نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن  ته سيڙپڪارن شيئرز جي ڀرپور خريداري ڪئي. ڏينهن جي شروعات سان ئي مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان رهيو ۽ ڪاروبار جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس 1066 پوائنٽس جي اضافي سان 166333 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو، مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري ڏٺي وئي، جنهن جو وڏو سبب معاشي اهڃاڻن ۾ استحڪام ۽ روپئي جي قدر ۾ معمولي بهتري ٻڌائي پئي وڃي. سيڙپڪارن خاص طور تي توانائي، بئنڪنگ، سيمينٽ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ نمايان دلچسپي ظاهر ڪئي. ڪاروبار دوران 1.28 ارب کان وڌيڪ جي شيئرز جا سودا ٿيا جن جي ماليت اٽڪل 12.6 ارب روپيا رهي. مجموعي طور تي 365 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن مان 220 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 110 جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته 35 جا ريٽس مستحڪم رهيا. بئنڪنگ ۽ توانائي جا شعبا نمايان طور سرگرم رهيا، جتي وڏن سيڙپڪارن ڊگهي مدي جي خريداري جا سودا ڪيا.

مزید خبریں