ڪي پي ڪي ۾ وڏي وزير جي تبديلي جي فيصلي سان صورتحال ڏسي اسيمبلي ۾ فيصلو ڪندس: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ وڏي وزير جي تبديلي بابت صورتحال ڏسي اسيمبلي ۾ فيصلو ڪندس. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 16 آڪٽوبر تي ڊيره اسماعيل خان ۾ مفتي محمود ڪانفرنس ٿيندي، غزه ۾ 70 هزار بي گناهه ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، امن مارچ سان گڏ اسرائيل مرده باد …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ وڏي وزير جي تبديلي بابت صورتحال ڏسي اسيمبلي ۾ فيصلو ڪندس. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 16 آڪٽوبر تي ڊيره اسماعيل خان ۾ مفتي محمود ڪانفرنس ٿيندي، غزه ۾ 70 هزار بي گناهه ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، امن مارچ سان گڏ اسرائيل مرده باد به مارچ جو حصو هوندو، اسان کي حقيقت پسنداڻيون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته 26 هين آئيني ترميم خلاف جيڪو به عدالت ويو اهو ان جو حق آهي، منهنجي سمجهه کان مٿانهون آهي ته پي ٽي آءِ جا دوست ڪيئن آئيني ترميم کان پوئتي هٽيا؟ 27 صفحن تي ٻڌل 26 هين آئيني ترميم تيار ٿي، سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ حڪومت 26 هي ترميم لاءِ لاءِ اسان جي تعريف ڪئي. پي ٽي آءِ وارا چئي رهيا آهن ته اسان ججن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آيا آهيون، 26 هين آئيني ترميم کي شڪي بنايو پيو وڃي، معاملن تي پي ٽي آءِ اسان کي دعوت ڏئي، اسان انهن سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته غير مستحڪم افغانستان ڪڏهن به پاڪستان لاءِ بهتر نه ٿو ٿي سگهي.

مزید خبریں