نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن صفدي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ”گلوبل صمود فلوٽيلا“ جي آزادي ماڻيندڙ ماڻهن جي لاءِ تعاون ۽ انهن جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي اردن جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق …

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن صفدي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ”گلوبل صمود فلوٽيلا“ جي آزادي ماڻيندڙ ماڻهن جي لاءِ تعاون ۽ انهن جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي اردن جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان جي عمان واپسي ۾ مدد تي پڻ اردن جا ٿورا مڃيا جيڪو خميس ڏينهن پاڪستان پهچندو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں