خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور پاران استعيفيٰ جو اعلان، سهيل آفريدي وڏو وزير نامزد

پشاور _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور وڏي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سهيل آفريدي کي وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور پنهنجي هڪ بيان ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وڏ وزارت جو عهدو باني پي ٽي آءِ جي امانت هو ۽ …

پشاور _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور وڏي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سهيل آفريدي کي وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور پنهنجي هڪ بيان ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وڏ وزارت جو عهدو باني پي ٽي آءِ جي امانت هو ۽ ان جي حڪم موجب ان جي امانت کيس واپس ڪري پنهنجي استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا تصديق ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير اعلي امين گنڊاپور پارٽي جي باني چيئرمين جي هدايتن جي تعميل ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سلمان اڪرم راجا موجب خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر محمد سهيل آفريدي کي خيبرپخوتنخواهه جي وڏي وزير جي عهدي جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. اها سياسي اڳڀرائي پارٽي جي اندروني تڪرار جي هڪ سلسلي کانپوءِ ٿي آهي. وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ باني پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليمه خان تازو ئي هڪ ٻئي تي الزام هنيا هئا. عليمه خان الزام هنيو هو ته وڏي وزير گنڊاپور کيس پارٽي معاملن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته علي امين گنڊاپور مٿس پي ٽي آءِ جي اندر گروپ بندين جي حوصلا افزائي جو الزام هنيو هو. ان کان جون مهيني جي شروع ۾ خيبرپختونخواهه جي مالياتي بجيٽ جي منظوري تي پڻ پارٽي جي اندر اختلاف منظرعام تي آيا هئا. خيبرپختونخواهه جي نامزد وڏي وزير سهيل آفريدي جو تعلق خيبر ضلعي سان آهي. هو پي ڪي – 70 تان پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي ميمبر بڻيو. سهيل آفريدي ڪافي عرصي تائين انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن خيبرپختونخواهه جو صدر رهيو. 2011ع ۾ سهيل آفريدي انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي پشاور جو صدر بڻيو، پوءِ 2014ع ۾ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صوبائي صدر چونڊيو. سهيل آفريدي خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي يوٿ ونگ ۾ اهم ذميواريون سنڀاليون آهن. هو پي ٽي آءِ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو آهي. سهيل آفريدي موجوده حڪومت ۾ وڏي وزير جو ڪميونيڪشن اينڊ ورڪس بابت خاص معاون رهيو. صوبائي ڪابينا ۾ تبديلي کانپوءِ سهيل آفريدي کي هايئر ايجوڪيشن جو وزير بڻايو ويو. تحريڪ انصاف جي اندر علي امين گنڊاپور جي قيادت تي اڳ ۾ ئي اختلاف سامهون اچي چڪا آهن. سهيل آفريدي کي پارٽي جي مختلف گروپن کي متحد رکڻ ۽ قيادت تي اعتماد بحال ڪرڻو پوندو. مخالف ڌر پارٽيون کيس ڪمزور وڏي وزير طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون. واضح رهي ته باني پي ٽي آءِ علي امين خان گنڊاپور کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائي سهيل آفريدي کي نئون وڏو وزير نامزد ڪيو آهي.

مزید خبریں