سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان جي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نَون چونڊيل عهديدارن سان ملاقات

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نَون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته جمهوري عمل ذريعي چونڊيل نمائندا مبارڪن جا مستحق آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت پنهنجي هاڪاري روايت کي جاري رکندي ۽ صحافت جي اعليٰ معيار کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ جي وقتي چيئرمين پارلياماني رپورٽز ايسوسيئيشن جي …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نَون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته جمهوري عمل ذريعي چونڊيل نمائندا مبارڪن جا مستحق آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت پنهنجي هاڪاري روايت کي جاري رکندي ۽ صحافت جي اعليٰ معيار کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ جي وقتي چيئرمين پارلياماني رپورٽز ايسوسيئيشن جي نَون چونڊيل عهديدارن سان پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن جي ڪوريج، ميڊيا جي هاڪاري ڪردار ۽ عوامي آگاهيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته ميڊيا جمهوري نظام جي مضبوطيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پارلياماني رپورٽرنگ صحافت جو هڪ نهايت اهم ۽ ذميواراڻو شعبو آهي جيڪو عوام تائين قانونسازي ۽ پاليسي سازيءَ بابت صحيح ڄاڻ پهچائي عوامي شعور ۾ اضافو ڪندو آهي. هن چيو ته حڪومت، نجي شعبو ۽ـ ميڊيا جو گڏيل سهڪار پائيدار ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. ميڊيا کي گهرجي ته هو قومي مفاد، ترقي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي هاڪاري روايت کي وڌيڪ مضبوط ڪري. ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻَڌل آهي، جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. نوجوانن جي توانائي ۽ صلاحيتون قومي ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پارليامينٽ، واپار ۽ ميڊيا جي هم آهنگيءَ سان پائيدار نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي ٽيئي قومي ترقيءَ جا اهم ٿنڀ آهن.موجوده حالتن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هن وقت ملڪ کي اتحاد جي ضرورت آهي ۽ اسان کي اختلافن کي پُٺتي رکي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي هن وزيراعظم جي تازو ئي آمريڪا جي دؤري جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ان اهم دؤري ۾ ڪيتريون ئي اهم ملاقاتون ٿيون ۽ عالمي اڳواڻن سان ڳالهيون ٿيون ۽ پاڪستان جو مؤقف اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جو موقعو مليو. پي آر اي جي نئين چونڊيل صدر ايم بي سومرو ۽ سيڪريٽري جنرل نويد اڪبر پڻ ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هنن سينيٽ جي وقتي چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ کيس عمري جي ادائگيءَ تي مبارڪون ڏنيون.

مزید خبریں