اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي جي مناسبت سان ان کي يوم استقامت طور ياد ڪندي چيو آهي ته اهو ڏينهن اسان کي قرباني، اتحاد ۽ ايثار جي جذبي کي تازو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 2005ع جو زلزلو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ المناڪ باب …
8 آڪٽوبر جو ڏينهن اسان کي قرباني، اتحاد ۽ ايثار جي جذبي کي تازو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي جي مناسبت سان ان کي يوم استقامت طور ياد ڪندي چيو آهي ته اهو ڏينهن اسان کي قرباني، اتحاد ۽ ايثار جي جذبي کي تازو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 2005ع جو زلزلو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ المناڪ باب آهي، جڏهن لمحن ۾ هزارين وسنديون تباهه ٿي ويون ۽ هزارين قيمتي زندگيون ضايع ٿي ويون انڪري ان المئي قوم کي هڪ ڪيو ۽ هر پاڪستاني متاثرن جي مدد لاءِ مثالي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اڄ به زلزلي جو تباهه ڪاريون اسان جي اجتماعي يادداشت جو حصو آهن ۽ اسان کي انهن سانحن مان سبق حاصل ڪري پنهنجي ادارن ۽ نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻو پوندو. هن چيو ته ٻيلن جو تحفظ، وڻ ڪاري ۽ ماحولياتي بهتري جا قدم قدرتي آفتن کان بچاءَ لاءِ اڻٽر آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ٻوڏ متاثرن جي مدد، وڻڪاري مهمن ۽ ماحولياتي استحڪام جي قومي پروگرامن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، سرسبز ۽ مستحڪم پاڪستان قائم ڪري سگهون.











