لاهور-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، اورڪزئي ۾ 19 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. جاري پنهنجي بيان ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب سميت 9 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته وطن سان محبت جي داستان لکندڙ شهيد قوم جا مٿي جا تاج آهن، ملڪ ۽ قوم لاءِ شهيدن جون قربانيون …
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاران 19 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
لاهور-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، اورڪزئي ۾ 19 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. جاري پنهنجي بيان ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب سميت 9 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته وطن سان محبت جي داستان لکندڙ شهيد قوم جا مٿي جا تاج آهن، ملڪ ۽ قوم لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انهن جي رت جي هڪ هڪ قطري جو حساب ورتو ويندو. وزيراعليٰ، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











