اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدي جو بنياد گڏيل ڀائيچارو آهي، گڏجي ڪم ڪريون ته عالمي برادري ۾ مضبوط مقام پيدا ڪري سگهون ٿا، وقت اسان جي لاءِ سنهري موقعا کڻي آيو آهي. هو وزيراعظم هائوس ۾ سعودي پاڪستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل جي چيئرمين شهزاده منصور بن سعد آل سعود جي قيادت …
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدي جو بنياد گڏيل ڀائيچارو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدي جو بنياد گڏيل ڀائيچارو آهي، گڏجي ڪم ڪريون ته عالمي برادري ۾ مضبوط مقام پيدا ڪري سگهون ٿا، وقت اسان جي لاءِ سنهري موقعا کڻي آيو آهي. هو وزيراعظم هائوس ۾ سعودي پاڪستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل جي چيئرمين شهزاده منصور بن سعد آل سعود جي قيادت هيٺ سعودي وفد جي اعزاز ۾ منعقد مانجهاندي جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن ۽ اهم ڪاروباري شخصيتن کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته کيس هڪ ڀيرو ٻيهر هتي سعودي شهزاده منصور بن محمد کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي، اسان هتي هڪ خاندان وانگر موجود آهيون. وزيراعظم چيو ته هو گذريل 40 سالن کان سياست ۾ آهي، پهريون ڀيرو 60ع جي ڏهاڪي ۾ سعودي عرب ويو هو، ان کانپوءِ سعودي عرب جا ڪيترائي دورا ڪري چڪو آهي پر سندس تازو رياض جو دورو بلڪل منفرد ۽ بي مثال هو، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان انتهائي گرمجوشي جو مظاهرو ڪيو، سعودي ڀائرن ڀينرن سدائين پاڪستان جي لاءِ بي مثال محبت ڏيکاري، سعودي عرب هر مشڪل ۽ آزمائش ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته هر مسلمان مقدس جاين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جان تائين قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته 20 يا 30 سال اڳ ڪجهه شعبن ۾ پاڪستان سعودي عرب سان تجربن جي مٽاسٽا ڪري رهيو هو، سعودي عرب جو پاڪستان تعلق اڻٿڪ ۽ مستقبل عزم تي ٻڌل آهي، سعودي عرب جو اهو عزم اسان جي لاڳاپن جي تاريخ ۾ سدائين نمايان رهيو ۽ رهندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو دفاعي معاهدو ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن جي باقاعده شڪل آهي، اسان حقيقي ڀائرن وانگر آهيون ۽ ڀاءُ سدائين ڀاءُ جي مدد لاءِ ايندو آهي، اسان مقدس جاين مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جا سدائين جي لاءِ محافظ رهنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب پنهنجي لاڳاپن کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي بنياد تي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا ۽ گڏيل ڪاروباري خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. هن واپار، سيڙپڪاري، تحقيق ۽ ترقي جي شعبن ۾ گڏيل قدمن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اڄ اسان کي سعودي عرب کان سکڻ جي ضرورت آهي، اسان کي اهو موقعو ميسر آهي، سعودي عرب به اسان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي متحرڪ ۽ دورانديش قيادت سعودي معاشري کي بدلائي ڇڏيو، وقت ۽ حالتون ڪنهن جو انتظار ناهن ڪندا، اسان کي پاڻ کي وقت ۽ موقعن جي لاءِ تيار ڪرڻو پوندو، اسان گڏجي ڪم ڪريون ته عالمي برادري ۾ پنهنجي جڳهه مضبوطي سان بڻائي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان وٽ بهترين ماڻهن جي ٽيم موجود آهي، سعودي عرب جا عملدار پڻ معاهدن تي صحيحن جي لاءِ پرجوش آهن، هي وقت اسان جي لاءِ سنهري موقعا کڻي آيو آهي، گڏجي ڪم جي شروعات ڪرڻي پوندي. سعودي پاڪستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل جي چيئرمين شهزاده منصور بن محمد بن آل سعود خطاب ڪندي چيو ته هو پاڪستان سعودي گڏيل بزنس ڪائونسل اجلاس جي لاءِ پاڪستان آيو آهي، پاڪستان اچڻ کان اڳ سعودي عرب جي سمورن اهم وزيرن سان ملاقاتون ڪيون، سعودي وزيرن کي پاڪستان ۾ ممڪن اسٽريٽجڪ منصوبن کان آگاهه ڪيو، سعودي ڪاروباري طبقي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جن شعبن تي زور ڏنو اسان به انهن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون.











