انتونيوگوتريش پاران يمن ۾ يو اين عملي جي گرفتارين جي شديد مذمت

گڏيل قومون- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش، يمن ۾ حوثي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ گڏيل قومن جي وڌيڪ 9 اهلڪارن جي گرفتاري تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن گرفتارين کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو آهي ته 2021ع کان هن وقت تائين يمن ۾ گڏيل قومن جي 53 اهلڪارن کي بنا ڪنهن قانوني جواز …

گڏيل قومون- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش، يمن ۾ حوثي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ گڏيل قومن جي وڌيڪ 9 اهلڪارن جي گرفتاري تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن گرفتارين کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو آهي ته 2021ع کان هن وقت تائين يمن ۾ گڏيل قومن جي 53 اهلڪارن کي بنا ڪنهن قانوني جواز جي گرفتار ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن گرفتارين سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي آفيس ۽ اثاثن تي غيرقانوني قبضو به جاري آهي جيڪو تنظيم جي يمن ۾ انساني امداد جي فراهمي ۽ امن ڪوششن ۾ شديد رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي. سيڪريٽري جنرل انهن ڪارروائين کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي سمورن گرفتار اهلڪارن، اين جي اوز، سول سوسائٽي ۽ سفارتي مشنز سان لاڳاپيل ماڻهن جي فوري ۽ غير مشروط آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. 

مزید خبریں