آمريڪي سفارتخاني تي حملي جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي: وينزويلا

ڪراڪس- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وينزويلا جي صدر نڪلوس مادورو دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ملڪ هڪ ” فالس فليگ “ حملي جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جو مقصد آمريڪي سفارتخاني کي نشانو بڻائي آمريڪا ۽ وينزويلا وچ ۾ منشيات جي معاملي تي جاري ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائڻ هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ٻڌايو ته کيس 2 نامعلوم ذريعن کان اطلاع مليو ته مقامي دهشتگرد گروپ …

ڪراڪس- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وينزويلا جي صدر نڪلوس مادورو دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ملڪ هڪ ” فالس فليگ “ حملي جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جو مقصد آمريڪي سفارتخاني کي نشانو بڻائي آمريڪا ۽ وينزويلا وچ ۾ منشيات جي معاملي تي جاري ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائڻ هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ٻڌايو ته کيس 2 نامعلوم ذريعن کان اطلاع مليو ته مقامي دهشتگرد گروپ آمريڪي سفارتخاني ۾ ڌماڪيدار مواد نصب ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن آمريڪا سان تڪرار کي وڌيڪ سنگين بڻائي سگهجي. وينزويلا جي ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه خورخي روڊريگز به ان خدشي جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت آمريڪا کي ” ان سنگين خطري“ کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان آمريڪي سفارتخاني جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي آهي. وينزويلا جي صدر وڌيڪ چيو ته اهو هڪ اهڙو سفارتخانو آهي جنهن کي اسان سمورن اختلافن باوجود تحفظ فراهم ڪيو آهي. واضع رهي ته وينزويلا جي سوشلسٽ حڪومت ماضي ۾ به اڪثر اپوزيشن تي سازشن جو الزام لڳائيندي رهي آهي. 2019ع ۾ آمريڪا ۽ وينزويلا وچ ۾ سفارتي لاڳاپا ڪٽجي چڪا آهن ۽ آمريڪي سفارتخانو خالي پيل آهي ، صرف ڪجهه مقامي ملازم اتي ڪم ڪندا آهن.

مزید خبریں