ڪوالالمپور_7 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم امت پنهنجي قدرن ۽ اسلامي اصولن تي عمل ڪندي دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري سگهي ٿي، قيادت هڪ اعزاز نه پر هڪ امانت آهي، قيادت کي ايمانداري، خلوص، انصاف ۽ شفاف احتساب سان ادا ڪرڻ لازم گهرجي، خواهش آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليمي تعاون وڌيڪ مضبوط ٿئي، ٻئي ڀائر ملڪ …
مسلم امت پنهنجي قدرن ۽ اسلامي اصولن تي عمل ڪندي دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري سگهي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
ڪوالالمپور_7 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم امت پنهنجي قدرن ۽ اسلامي اصولن تي عمل ڪندي دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري سگهي ٿي، قيادت هڪ اعزاز نه پر هڪ امانت آهي، قيادت کي ايمانداري، خلوص، انصاف ۽ شفاف احتساب سان ادا ڪرڻ لازم گهرجي، خواهش آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليمي تعاون وڌيڪ مضبوط ٿئي، ٻئي ڀائر ملڪ نوجوان آبادي سان مالا مال آهن، اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي نوجوانن کي انسانيت جي خدمت جا موقعا فراهم ڪريون. انهن خيالن جو اظهار هُن ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي پاران پي ايڇ ڊي (ڊاڪٽريٽ) ليڊرشپ اينڊ گورننس جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ملائيشيا جي رياست پهانگ جي ملڪه ۽ ملائيشيا جي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جي آئيني سربراهه، تنڪو عزيزه امينه ميمونه سڪندريه، ملائيشيا جي اعليٰ تعليم واري وزير داتو سري راجا ڊاڪٽر زيمبري عبدالقادر، ملائيشيا جي مواصلات واري وزير داتو احمد فهمي محمد فاضل، ملائيشيا جي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جي صدر تان سري عبدالرشيد حسين ۽ ريڪٽر پروفيسر عثمان باقر کانسواءِ پاڪستاني وفد جا ميمبر پُڻ موجُود هُئا. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي کان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري حاصل ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ملائيشيا جي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جهڙي عظيم تعليمي درسگاهه کان قيادت ۽ گورننس ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري تمام گهڻي عاجزي سان حاصل ڪري رهيو آهيان. ملائيشيا جي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي علم ۽ ڏاهپ جو مرڪز آهي. هي عظيم ادارو علم، ايمان ۽ اخلاقيات کي گڏ ڪري اعليٰ تعليم جي مقصد کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن 40 سالن کان وڌيڪ پنهنجون عاجزاڻيُون خدمتون عرصي تائين پنجاب جي عوام لاءِ وقف ڪيون، پنجاب پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي. هن پاڻ کي اتي هڪ عوامي خدمتگار جي حيثيت سان وقف ڪيو ۽ هاڻي وزيراعظم جي حيثيت سان آئُون پاڪستان جي عوام جي خدمت لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته هن مڪمل ايمانداري ۽ اڻٿڪ عزم سان عوام جي خدمت ڪرڻ جي هر ڀرپُور ڪوشش ڪئي آهي. آئُون سدائين خلوص ۽ ثابت قدمي سان عوام جي خدمت ڪندو آهيان. اڄ آئُون عاجزي سان الله سبحان و تعاليٰ جي اڳيان پنهنجو سر نوايان ٿو ۽ هن اعزاز کي دل جي گهراين سان قبول ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي جو آئُون هن ڊگري وسيلي هڪ اهڙي عظيم اداري سان لاڳاپجي رهيو آهيان جيڪو مسلم دنيا ۾ مادر علمي جي حيثيت ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل احترام آهي. وزيراعظم چيو ته آئُون اميد ڪريان ٿو ته منهنجي هتي موجودگي ملائيشيا جي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ۽ پاڪستان جي ناميارن اعليٰ تعليمي ادارن جي وچ ۾ تعليمي سهڪار ۽ تعاون کي مضبوط ڪندي. مسلم دنيا جي هڪ معزز ترين درسگاهه سان لاڳاپجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته قيادت ڪو اعزاز ناهي پر هڪ مقدس امانت آهي جنهن کي ايمانداري، خلوص، انصاف ۽ جوابدهي جي شفاف احساس سان ادا ڪرڻ گهُرجي. وزيراعظم چيو ته تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به مسلمانن انهن شاندار اصولن تي مضبوطي سان قائم رهيا ته انهن نه رڳو پاڻ ترقي ڪئي پر پوري دنيا لاءِ رهنمائي جو ذريعو پڻ بڻيا. وزيراعظم چيو ته اڄ مسلم امت تڪرار، غربت ۽ گڏيل انتشار جهڙن تمام گهڻن چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. انهن مُشڪل حالتن ۾ اسان کي پنهنجي قدرن ۽ اخلاقيات تي مضبوطي سان قائم رهڻ جي ضرورت آهي جن جي تعيلم اسان کي پنهنجي مذهب اسلام ڏني آهي ته جيئن اسان دنيا جي قومن ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري سگهون. وزيراعظم چيو ته اها خواهش آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليمي تعاون مضبوط ٿئي. هن عظيم ۽ ڀائر ملڪ ۽ جي ٻئي گهر ملائيشيا وانگر پاڪستان کي به الله تعاليٰ نوجوانن سان مالا مال ڪيو آهي. خادم ۽ اڳواڻ جي حيثيت سان اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان انهن کي صحيح پليٽ فارم فراهم ڪريون ته جيئن اهي همدردي ۽ وڏي عزم سان ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي عظيم شاعر مشرق ۽ فلسفي ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جا لازوال لفظ ياد اچن ٿا، جن جو وزن نه رڳو پاڪستان جي ماڻهن لاءِ پر سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ متاثر ڪندڙ آهي. سندس هڪ شعر آهي ” سبق پھر پڑھ صداقت کا، عدالت کا، شجاعت کا، لیا جائے گا تجھ سے کام دنیا کی امامت کا“ وزيراعظم چيو ته منهنجي دعا آهي ته ملائيشيا جي هي عظيم انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ڪاميابين جُون منزلُون تسلسل سان حاصل ڪندي رهي. آئُون ٻنهي عظيم ملڪن پاڪستان ۽ ملائيشيا لاءِ اتحاد، ڀائيچاري، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهري تعاون جي لاءِ به دعاگو آهيان. پاڪستان ۽ ملائيشيا جي دوستي سدائين قائم رهي. آئُون اعزازي عطا رڪڻ تي يونيورسٽي جي صدر، چانسلر، ريڪٽر، تعليم واري وزير، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جو ٿورائتو آهيان. ان موقعي تي ملائيشيا جي رياست پهانگ جي ملڪه ۽ ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي آئيني سربراهه تنڪو عزيزه امينه ميمونه سڪندريه چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قيادت ۽ طرز حُڪمراني ۾ اعزازي (ڊاڪٽريٽ) جي ڊگري عطا ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين ڏاهپ، نظم ۽ ضبط ۽ رحمدلي سان عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ پنجاب جي قيادت کان ويندي ملڪ جي وزيراعظم ٿيڻ تائين ثابت ڪيو آهي ته اصل قيادت طاقت ناهي پر مقصد سان جُڙيل هُوندي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاران پنجاب ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جهڙن قدمن سان هزارين شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا کوليا آهن جيڪي ڪڏهن يونيورسٽي وڃڻ جو تصور به نٿي ڪري سگهيا. هي اها قيادت آهي جيڪا دلين کي ڇهي ٿي ۽ مستقبل کي بهتر بڻائي ٿي. اڄ جي دور ۾ جڏهن دنيا ۾ ظاهري ڏيکاءُ کي اخلاقيات تي ترجيح ڏني وڃي ٿي ته ان وقت توهان جي قيادت اسان کي ياد ڏياري ٿي ته سٺي حڪمراني خلوص، خدمت ۽ مضبوط ڪردار جو نالو آهي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو آهي ته توهان مان بهترين اهو آهي جيڪو ٻين لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائديمند هُجي. هن چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان ملائيشيا جو ڀائر ملڪ ۽ آءِ آءِ يو ايم جو باني حصيدار رهيو آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اهو رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. اڄ اسان جا پاڪستاني شاگرد، استاد ۽ اڳوڻا شاگرد يونيورسٽي کي مُسلسل علمي ۽ فڪري طور تي مالا مال ڪري رهيا آهن ۽ مسلم امت جي خدمت جي اسان جي گڏيل مشن جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هي اعزازي ڊگري صرف هڪ ڪاميابي جو اعتراف ناهي پر ان کان به وڌيڪ انهن قدرن جو جشن آهي جن کي اسان وڌيڪ پيارو رکندا آهيُون، جيڪي انصاف، خدمت ۽ رهنمائي آهن. هن چيو ته اسان دعاگو آهيُون ته هي اعزاز الله سبحان و تعاليٰ جي برڪتن ۽ هدايت سان هُجي ته زمين تي امن ۽ انسانيت جي وچ ۾ هم آهنگي قائم ٿئي. ان کان اڳ ملائيشيا جي رياست پهانگ جي ملڪه ۽ ملائيشيا جي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جي آئيني سربراهه تنڪو عزيزه امينه ميمونه سڪندريه، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قيادت ۽ طرز حُڪمراني ۾ پي ايڇ ڊي (ڊاڪٽريٽ) جي اعزازي ڊگري ڏني.











