پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي تمام گهڻي گنجائش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

ڪوالالمپور_7 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي تمام گهڻي گنجائش آهي. پاڪستان جي حڪومت سيڙپڪاري ۾ سهُولت لاءِ سُڌارن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. آئي ٽي، ٽيڪ ۽ اي آءِ شعبن ۾ وڏي صلاحيت کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل بين الاقوامي ڪاروباري گروپن ۽ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي …

ڪوالالمپور_7 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي تمام گهڻي گنجائش آهي. پاڪستان جي حڪومت سيڙپڪاري ۾ سهُولت لاءِ سُڌارن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. آئي ٽي، ٽيڪ ۽ اي آءِ شعبن ۾ وڏي صلاحيت کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل بين الاقوامي ڪاروباري گروپن ۽ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ملائيشيا جي ڪاروباري گروپ گوبي پارٽنرز جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گوبي پارٽنرز جي شريڪ باني ۽ چيئرمين ٿامس سائو جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجُود آهي، جنهن لاءِ ٻئي ڌريون ڀرپُور ڪم ڪري رهيون آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار کان ڪاروباري لاڳاپا وڌائڻ جي مقصد سان گُذريل ڏينهن پاڪستان-ملائيشيا ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري ڪانفرنس جو انعقاد تمام سُٺي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ڪاروبار جي لاءِ دوستاڻو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم تي گوبي پارٽنرز جو اعتماد خُوش آئنده آهي. پاڪستان جي حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ انفراسٽرڪچر تائين بهتر پُهچ جي ذريعي اسٽارٽ اپس ۽ ابتدائي مرحلي جي سيڙپڪارن جي مدد لاءِ لاڳاپيل سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ پائيدار اسٽارٽ اپ ماحولياتي نظام جوڙڻ لاءِ عالمي ۽ مُلڪي سرمائي کي راغب ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. ڊجيٽل معيشت خاص طور تي فن ٽيڪ، اي ڪامرس ۽ آئي ٽي خدمتُون اسان جي قومي ترقي جي حڪمت عملي ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿيُون. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان جي آئي ٽي، ٽيڪ ۽ اي آءِ شعبن ۾ وڏي صلاحيت کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل عالمي ڪاروباري گروپن ۽ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. ملاقات دوران گوبي پارٽنرز جي وفد پاڪستان ۾ اي ڪامرس ۽ مالي ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ تعاون ۾ وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں