يوڪرين کي ٽوماهاڪ ميزائلن جي فراهمي آمريڪا سان گڏ ماسڪو جا لاڳاپا تباهه ڪري ڇڏيندي: روسي صدر

ماسڪو- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا يوڪرين کي ٽوماهاڪ ميزائل فراهم ڪيا ته ان سان روس ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تباهه ٿي ويندا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته اهو قدم روس - آمريڪا لاڳاپن کي ختم ڪندو يا گهٽ ۾ گهٽ مثبت رجحان جيڪو هاڻي ظاهر ٿيو هو ان کي ختم ڪري ڇڏيندو. …

ماسڪو- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا يوڪرين کي ٽوماهاڪ ميزائل فراهم ڪيا ته ان سان روس ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تباهه ٿي ويندا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته اهو قدم روس – آمريڪا لاڳاپن کي ختم ڪندو يا گهٽ ۾ گهٽ مثبت رجحان جيڪو هاڻي ظاهر ٿيو هو ان کي ختم ڪري ڇڏيندو. ڪجهه ڏينهن اڳ به روسي صدر خبردار ڪيو هو ته ڊگهي فاصلي تي هدف کي نشانو بڻائيندڙ هٿيار يوڪرين کي فراهم ڪرڻ سان روس ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي شديد نقصان پهچندو. پر هن اهو به چيو ته ان جو جنگ جي صورتحال تي وڏو اثر نه پوندو ڇو ته روسي فوج سست پر مسلسل اڳڀرائي جاري رکي آهي.