وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جو شيخ زيد اسپتال جو دؤرو

لاهور-06 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ صحت واري وفاقي سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ سان گڏ شيخ زيد اسپتال لاهور جو دؤرو ڪيو، جتي هن اسپتال جي طبي سهولتن، مريضن جي سارسنڀال جي معيار ۽ جاري ترقياتي رٿائن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي شيخ زيد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ چيئرمين، وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري جي آجيان ڪئي. سيد مصطفيٰ …

لاهور-06 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ صحت واري وفاقي سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ سان گڏ شيخ زيد اسپتال لاهور جو دؤرو ڪيو، جتي هن اسپتال جي طبي سهولتن، مريضن جي سارسنڀال جي معيار ۽ جاري ترقياتي رٿائن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي شيخ زيد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ چيئرمين، وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري جي آجيان ڪئي. سيد مصطفيٰ ڪمال کي اسپتال جي مختلف شعبن، ايمرجنسي، آءِ سي يو ۽ وارڊز جو دؤرو ڪرايو ويو، جتي هنن مريضن، ڊاڪٽرن ۽ نرسنگ جي عملي سان ملاقات ڪئي ۽ فراهم ڪيل سهولتن بابت معلومات ورتي. وفاقي وزير پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي مختلف ڪيڊرز جي نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ ملازمن جي مسئلن تي ذاتي تي ڳالهيون ڪيون. دؤري دوران سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪومت عوام کي صحت جون بهتر ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته اسپتالن ۾ جديد اوزار، بهتر انفراسٽرڪچر ۽ عملي جي تربيت تي خاص ڌيان ڏني پئي وڃي ته جيئن عوام کي وقت سر ۽ معياري علاج ميسر ٿئي.