وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جنيوا پهچي ويو

جنيوا-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سيفران، ڪشمير ۽ گلگت معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سرڪاري دؤري تي جنيوا پهچي ويو. خبر موجب هُو پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي اجلاس کي خطاب ڪندو. وفاقي وزير لکين پناهگيرن جي ميزبانيءَ ۾ پاڪستان جي خدمتن تي روشني وڌي ويندي. وفاقي وزير افغان پناهگيرن جي سندن ملڪ ۾ محفوظ ۽ باوقار واپسي ۽ـ ان مسئلي جي پائيدار …

جنيوا-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سيفران، ڪشمير ۽ گلگت معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سرڪاري دؤري تي جنيوا پهچي ويو. خبر موجب هُو پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي اجلاس کي خطاب ڪندو. وفاقي وزير لکين پناهگيرن جي ميزبانيءَ ۾ پاڪستان جي خدمتن تي روشني وڌي ويندي. وفاقي وزير افغان پناهگيرن جي سندن ملڪ ۾ محفوظ ۽ باوقار واپسي ۽ـ ان مسئلي جي پائيدار حل تي پڻ روشني وجهندو.