وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم سان ملاقات، ٻطرفي تعاون ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار

پترا جايا - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن ٻطرفي تعاون ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ جون نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪو ملائيشيا جي سرڪاري دوري تي آهي، هن ملائيشيا …

پترا جايا – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن ٻطرفي تعاون ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ جون نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪو ملائيشيا جي سرڪاري دوري تي آهي، هن ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم سان ملاقات ڪئي. پردانا پترا اچڻ تي وزيراعظم جي اعزاز ۾ سرڪاري آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن وفدن جي سطح تي ملاقات ۾ پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. وزيراعظم دوري دوران سندس ۽ پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ملائيشيا جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. پنهنجي انتهائي تعميري ۽ لاڀائتي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آڪٽوبر 2024ع ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٻطرفي تعاون ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سميت سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ملائيشيا ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن، حلال انڊسٽري، آٽو موٽو، ڪنيڪٽيويٽي، گرين انرجي، اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانڪ مينوفيڪچرنگ، سياحت، اعليٰ تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن سميت تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين پاڪستان مان ملائيشيا کي حلال گوشت جي برآمدات جي ڪوٽا 200 ملين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين پاڪستان مان ملائيشيا کي چانور جي وڏي روانگي واپار تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو مقرر ڪوٽا کان به وڌي ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملائيشيا جي وزيراعظم فلسطين تڪرار جي حل ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار بشمول آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي قدم کي ساراهيو. هن گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف والاريل ڄمون ۽  ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڄمون ۽  ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل جي لاءِ ملائيشيا جي حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – آسيان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي غور ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم کي آسيان جي سربراهي سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم انور ابراهيم جا آسيان جو مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ ملائيشيا جي حمايت جي توثيق تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ سان گڏوگڏ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي کي پنهنجي موقف کان آگاهه رکڻ جي لاءِ ڪيل اهم فيصلن تي ويجهي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سفارتڪارن جي تربيت، سياحت، حلال سرٽيفڪيشن، اعليٰ تعليم، ڪرپشن ۽ بدعنواني جي روڪٿام ۽ خاتمي ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي ٻنهي وزيراعظمن وزيراعظم انور ابراهيم جي ڪتاب ”اسڪرپٽ“ جيڪو ليڊرشپ جي حوالي سان سندس خيالن جو اظهار آهي، جي مهورت پڻ ڪئي. ملائيشيا جي وزيراعظم پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.

مزید خبریں