ڪوالالمپور - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي پائيدار حصيداري ۾ بدلائڻ جا خواهشمند آهيون، ڪاروباري رابطا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو، نجي شعبو ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ“ ڪانفرنس کي …
پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي پائيدار حصيداري ۾ بدلائڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
ڪوالالمپور – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي پائيدار حصيداري ۾ بدلائڻ جا خواهشمند آهيون، ڪاروباري رابطا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو، نجي شعبو ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ“ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مضبوط گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، وزيراعظم انور ابراهيم سان انتهائي تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڪاروباري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو، انور ابراهيم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جو بنياد زراعت آهي، پاڪستان ملائيشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن کي زرعي مصنوعات برآمد ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي جنهن کي جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جا موقعا فراهم ڪري ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن، گلگلت بلتستان، هنزه، نانگا پربت ۽ ڪي ٽو سميت پاڪستان جون ٻيون سياحتي جايون دنيا جي لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿيون، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ڪمپنين کي سياحت جي فروغ جي لاءِ حصيداري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سياحت ۾ تعاون گيم چينجر ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا گڏجي نار ملڪن کي افرادي قوت فراهم ڪري سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ جوائنٽ وينچرز ڪري سگهجن ٿا. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، مهانگائي ۽ پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، ايندڙ ٻن سالن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي ضرورت نه رهندي، پاڪستان ۽ ملائيشيا گڏجي اڳتي وڌن ته آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چئي سگهن ٿا. وزيراعظم انور ابراهيم جي دورانديش قيادت کي ساراهيندي چيو ته سندس قيادت ۾ ملائيشيا نمايان ترقي ڪئي آهي، هو ڪاروبار کي سمجهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي پائيدار حصيداري ۾ بدلائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مضبوط گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان کي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي، اليڪٽرانڪس، تيل ۽ گئس وغيره سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کير ۽ ڪپهه جي پيداوار جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ۽ انب جي پيداوار جي لحاظ کان دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي، پاڪستاني انب انتهائي اعليٰ معيار جا آهن، پاڪستاني ميون ۽ ڀاڄين ۽ انهن سان تيار مصنوعات جي عالمي منڊين ۾ وڏي گهرج ٿي سگهي ٿي. هن لائيو اسٽاڪ جي انتهائي اهم شعبي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انور ابراهيم جا پاڪستان سان ملائيشيا جي لاءِ حلال گوشت جي ڪوٽا 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو واعدو پورو ڪندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي، بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ سميت معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش موقعن مان ملائيشيا جي هنرمند افرادي قوت کي فائدو کڻڻ گهرجي، ملائيشيا جون ڪمپنيون پاڪستان جي ذريعي نار ملڪن جي منڊين تائين پڻ پهچ حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڪاروباري رابطا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومتن جو ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي ۽ سهولت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي پر نجي شعبي کي اڳتي اچڻو پوندو، ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري طبقي جي وچ ۾ جوائنٽ وينچرز ۽ بي ٽو بي پارٽنرشپ ۽ ٽيڪنالاجي جي حصيداري سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو. ان موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته پاڪستان سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، آسيان جي پليٽ فارم تحت معاشي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي، واپار جي فروغ سان ئي خطو معاشي آزادي حاصل ڪري سگهي ٿو، وقت سان گڏوگڏ آسيان جي ميمبر ملڪن ۾ اضافو جي خواهش آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان کي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا ۽ تعاون وڌائڻو پوندو، پاڪستاني ڪمپنين جي لاءِ ملائيشيا ۾ واپار جي لاءِ دروازا کليل آهن. هن چيو ته ملائيشيا جا هزارين شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته هو هڪ عظيم اڳواڻ هو. هن چيو ته ٻطرفي واپار ۾ موجود رڪاوٽن کي پاڪستاني هم منصب سان گڏجي ختم ڪنداسين، ٻطرفي لاڳاپن ۾ اضافي جو بنيادي سبب معاشي ترقي حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته پنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين.











