پترا جايا- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم طرفان پاڪستان کان 20 ڪروڙ ڊالر ماليت جو حلال گوشت درآمد ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ اقتصادي ترقي جي ٻين شعبن ۾ ملائيشيا جي وسيع تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهيُون، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ اعليٰ تعليم، …
پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مُختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحُون، ٻنهي مُلڪن جي وزيراعظمن جي گڏيل پريس ڪانفرنس، وزيراعظم پاران پاڪستان مان 20 ڪروڙ ڊالر ماليت جو حلال گوشت درآمد ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان

مزید خبریں
پترا جايا- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم طرفان پاڪستان کان 20 ڪروڙ ڊالر ماليت جو حلال گوشت درآمد ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ اقتصادي ترقي جي ٻين شعبن ۾ ملائيشيا جي وسيع تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهيُون، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ اعليٰ تعليم، سياحت، حلال سرٽيفڪيشن، بدعنواني جي روڪٿام، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي ترقي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ امن جي قيام کي خطي لاءِ تمام گهڻو اهميت جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وينديون، فلسطين ۽ غزه جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ساراهيُون ٿا.

اسان جو گڏيل موقف پائيدار امن حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مُختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ پنهنجي ملائيشيائي هم منصب انور ابراهيم سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا کي پنهنجو ٻيو گهر قرار ڏيندي چيو ته هو پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي وفد جي ميمبرن طرفان ڀائر ملڪ ملائيشيا ۾ والهاڻي استقبال ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪري ٿو هن چيو ته منهنجو ملائيشيا جو هيءَ پهريون دورو آهي، پر اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته آئُون تمام گهڻن ڀائر ۽ واقف چهرن سان ملي رهيو آهيان ۽ اسان هڪ ٻئي کي سالن کان سڃاڻون ٿا، ان سان خلوص ۽ سچي دوستي جي عڪاسي ٿئي ٿي. وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ۾ وڏيون خوبيون آهن، توهان جو مدني وزن توهان جي قائداڻين صلاحيتن جو مظهر آهي، توهان پنهنجي پوري سياسي ڪيريئر دوران تمام گهڻي حوصلي، صبر ۽ همٿ جو مُطاهرو ڪيو آهي، ملائيشيا توهان جي دُور انديش قيادت ۾ خطي ۽ دنيا ۾ مثالي ترقي ڪري رهيو آهي، ملائيشيا کي ترقي يافته ملڪ بڻائڻ ۾ انور ابراهيم جو اهم ڪردار ادا آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جُون تمام گهڻيُون لاڀائتيُون ۽ مفيد ڳالهيون ٿيُون آهن ۽ اسان ٻطرفن لاڳاپن ۽ بين الاقوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته سڀني اهم معاملن تي اسان جا خيال هڪجهڙا آهن. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جو گذريل سال پاڪستان جو دورو ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي لحاظ کان هڪ يادگار دورو هو ۽ ان مان پاڪستان جي عوام لاءِ سندس دل ۾ محبت ۽ خلوص جي جذبن جي عڪاسي ٿي. ملائيشيا جي وزيراعظم کي مخاطب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته توهان پاڪستان لاءِ اجنبي نه آهيو، توهان اتي گهڻو وقت گذاريو، اتي تعليم حاصل ڪئي، توهان ڪراچي، لاهور ۽ شاليمار باغ کي تمام سُهڻي نموني ڄاڻو ٿا ۽ توهان جي اردو به تمام سٺي آهي.

وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته توهان هن وزن جو اظهار ڪيو آهي ته اسان ڪيئن گڏيل اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏئي سگهون ٿا ۽ گڏيل منصوبن کي اڳيان وڌائي سگهون ٿا ۽ ڪهڙي نموني ملائيشيا جي سيڙپڪارن جي سيڙپڪاري طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان جي سيڙپڪارن پاران ملائيشيا ۾ سيڙپڪاري وڌائي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان آئي ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ ملائيشيا جي وسيع تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، جنهن ۾ ملائيشيا شاندار ڪارڪردگي جو مُظاهرو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي جي ڊي پي اطمينان بخش طور تي وڌي رهي آهي، ان جي عالمي واپار ۽ روانگيءَ واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هي اُهي شعبا آهن جن ۾ پاڪستان ملائيشيا جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جو به خواهشمند آهي جتي ملائيشيا ۽ پاڪستان جا ماهر گڏجي ڪم ڪن، هڪ ٻئي سان تعاون ڪن، ۽ ان سلسلي ۾ زراعت، آئي ٽي، فني ۽ پيشيوراڻي تربيت جهڙا شعبا اهم آهن. فني تربيت جي شعبي ۾ پاڪستان ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي. هزارين پاڪستاني شاگرد ملائيشيا ۾ قومي تعمير ۾ ڀرپُور ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن. ملائيشيا ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک پنجاهه هزار پاڪستاني ڪم ڪري رهيا آهن. ان سان اسان کي وڏو حوصلو ۽ اميد ملي ٿي ته اسان ان مان فائدو حاصل ڪري ۽ گڏجي پنهنجن معيشتن کي مضبوط ڪري سگهون ٿا، جنهن جو ٻنهي ملڪن کي برابر فائدا حاصل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان مان گوشت جي درآمد لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر جي ڪوٽا جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي اُن جا ٿورا ادا ڪريُون ٿا ۽ ملائيشيا جي درآمد ڪندڙن ۽ آفيسرن تي واضح ڪريون ٿا ته ملائيشيا جي لاءِ گوشت برآمد جي ڪوٽا کي مارڪيٽ قيمت جي ميڪانيزم ۽ ملائيشيا جي ڪسٽم اختيارين، ملائيشيا جي فوڊ اختيارين ۽ ملائيشيا جي صارفين لاءِ گهربل حلال سرٽيفڪيشن جي تحت ريگيوليٽ ڪيو ويندو. آئُون توهان کي يقين ڏياريان ۽ ضمانت ڏيان ٿو ته توهان جا سڀئي شرط ۽ گهرجون پوريون ڪيون وينديون ۽ انشاءَالله وقت گُذرڻ سان گڏوگڏ ان ڪوٽا ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم جي ڪتاب "اسڪرپٽ” جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسان وزيراعظم انور ابراهيم جي ڪتاب "اسڪرپٽ” جي مهُورت ڪئي آهي. اهو ڪتاب ڪوالالمپور، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو. "اسڪرپٽ” سندس مدني وزن جو رهنما فريم ورڪ آهي، جيڪو پائيداري، گڏيل احترام، جديديت، تحقيق ۽ ترقي، خوشحالي ۽ گڏيل اعتماد جو وزن آهي. اهو موجوده ۽ ايندڙ نسلن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال علامه اقبال جي شاعري "شڪوه، جواب شڪوه”، "اسرار خودي” ۽ اسلام جي تعليم کي جديد دور جي گهرجن مطابق سمجهڻ جي حوالي سان مواد جو ملائيشيا ۾ ترجمو ۽ ان کي شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فڪري مٽاسٽا جا نوان رستا کُليا آهن. وزيراعظم پنهنجي ملائيشيائي هم منصب جي درخواست تي علامه اقبال جا هي شعر پڻ پڙهيا… ” خودی کو کر بلند اتنا کہ ہر تقدير سے پہلے۔۔۔۔ خدا بندے سے خود پوچھے بتا تیری رضا کیا ہے” وزيراعظم چيو ته قومون معجزن سان نه پر اڻٿڪ محنت ۽ بي لوث عزم سان ٺهنديون آهن. وزيراعظم چيو ته سڀاڻي جڏهن هو هن عظيم ملڪ، پنهنجي ٻئي گهر مان اسلام آباد لاءِ روانو ٿيندو ته هو اڳ کان وڌيڪ مطمئن ۽ متاثر ٿيندو ۽ عظيم قوم ۽ عظيم قيادت کان اهو سبق سکي ويندو ته اسان کي پاڪستان کي ملائيشيا وانگر ترقي يافته بڻائڻو آهي. هن چيو ته 24 ڪروڙ عوام تي ٻڌل اسان جي قوم هڪ عظيم قوم آهي ۽ اسان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو 15 کان 30 سالن جي عمر وارن نوجوانن تي ٻڌل آهي. الحمدالله اهي تمام گهڻا ذهين ۽ باصلاحيت آهن ۽ اسان انهن کي ڀرپُور موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي مختلف شعبن ۾ جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪري سگهن. مون کي ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا ۽ پاڪستان جي ڪاروباري شخصيتن جي به ملاقات ٿي رهي آهي. مُنهنجي دعا آهي ته عظيم مُلڪ ملائيشيا اهڙي نموني خوشحالي ۽ ترقي ڪندو رهي. پاڪستان ملائيشيا جي ڀائيواري سان ترقي ۽ خوشحالي جو سفر پُورو ڪندو. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي تمام گهڻن معدني ۽ قدرتي وسيلن، پاڻي، سمنڊ، جبلن، زرخيز زمين جهڙين بيشمار نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي ۽ اسان اڳيان وڌڻ جو عزم رکُون ٿا. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان کان حلال گوشت جي درآمد لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر جي ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ دفاع، توانائي، گرين ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهن. پاڪستان جي پيشيور ماڻهن ۽ پورهيتن جي خدمتن کي ساراهيُون ٿا. پاڪستاني شاگرد اسان جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پاڪستان مان چانورن ۽ گوشت جي برآمد ۾ سهولتُون فراهم ڪنداسين ۽ ان لاءِ جيڪو به ضروري هُوندو اهو ڪيو ويندو.

هن چيو ته شهباز شريف منهنجو ڀاءُ آهي. پاڪستان ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي. اسان ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏئي سگهون ٿا. هن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ امن جي قيام کي خطي لاءِ تمام اهميت جوڳو قرار ڏيندي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وينديون. فلسطين ۽ غزه مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ساراهيُون ٿا. ٻنهي ملڪن جو گڏيل موقف آهي ته هن مسئلي کي حل ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان اسان وٽ ٺوس تجويزون آهن. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 20 نقاطي قدم کي امن لاءِ ڪارگر سمجهون ٿا. ان حوالي سان جيتوڻيڪ ملائيشيا جا ڪجهه خدشا آهن، تنهن هُوندي به غزه تي اسرائيلي بمباري جي خاتمي ۽ موت کي روڪرائڻ جي معاملي تي عرب، اسلامي ۽ دُنيا جي ٻين ملڪن جو موقف بلڪل واضح آهي، انشالله امن جو مقصد حاصل ٿيندو. هن چيو ته غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي پُهچ ضروري آهي، ڇوته عورتون ۽ ٻار بمباري کي منهن ڏئي رهيا آهن. 2025ع ۾ ان جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هي سراسر بيوقوفي آهي. هن چيو ته امن جي ان قدم لاءِ اسان جو گڏيل موقف پائيدار امن حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته علامه اقبال جا ڪتاب اسرار خودي ۽ جاويد نامه تمام گهڻا اهم آهن، علامه جُون اسلام لاءِ تمام گهڻيُون خدمتون آهن، هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري ويندي ته جيئن ماڻهن کي علامه محمد اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي خدمتن جي باري ۾ ڄاڻ ملي سگهي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مُخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي پنهنجي ٻئي گهر اچڻ تي ڀليڪار چئُون ٿا. ان کان اڳ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ اعليٰ تعليم، سياحت، حلال سرٽيفڪيشن، ڪرپشن جي روڪٿام ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پڻ ان موقعي تي موجود هئا. پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون لاءِ، ملائيشيا جي اعليٰ تعليم جي وزير ۽ پاڪستان جي فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جي وزير راڻا تنوير حسين مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جي مٽاسٽا ڪئي. سياحت جي شعبي ۾ تعاون لاءِ ملائيشيا جي سياحت ۽ ثقافت جي وزير ۽ پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جي مٽاسٽا ڪئي. حلال سرٽيفڪيشن ۾ تعاون لاءِ ملائيشيا جي مذهبي معاملن جي وزير ۽ پاڪستان جي واپار واري وزير ڄام ڪمال خان مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جي مٽاسٽا ڪئي. بدعنواني جي خاتمي ۾ تعاون لاءِ ملائيشيا جي اينٽي ڪرپشن ڪميشن جي چيف ڪمشنر ۽ نيب جي ڊپٽي چيئرمين مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جي مٽاسٽا ڪئي. ايس ايم اي ڪاپ ملائيشيا جي سي اي او ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي ايس ايم اي ڪاپ ملائيشيا ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي وچ ۾ تعاون لاءِ هڪ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جي مٽاسٽا ڪئي. سفارتڪارن جي تربيت جي حوالي سان نوٽس جي به مٽاسٽا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي ڪتاب "اسڪرپٽ” جي اردو ترجمي جي مهُورتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪتاب جي مهُورت ڪئي.











