رياض -04 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه رياض ۾ جي او ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ جو دورو ڪيو جتي هن انفراسٽرڪچر، مصنوعي ذهانت ۽ ٽيلنٽ هب جي شعبن ۾ سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن پاران جاري بيان موجب جي او ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه جي پنهنجي مرڪزي آفيس رياض ۾ آجيان ڪئي. ملاقات دوران …
وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه جو رياض ۾ جي او ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ جو دورو

مزید خبریں
رياض -04 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه رياض ۾ جي او ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ جو دورو ڪيو جتي هن انفراسٽرڪچر، مصنوعي ذهانت ۽ ٽيلنٽ هب جي شعبن ۾ سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن پاران جاري بيان موجب جي او ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه جي پنهنجي مرڪزي آفيس رياض ۾ آجيان ڪئي. ملاقات دوران ڌرين ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت ڪيترن ئي اسٽريٽجڪ شعبن ۾ سهڪار جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي جي او ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ گو اي آءِ هب پاڪستان جي قيام جو اعلان ڪيو جيڪو مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجيز ۽ جديد ڊجيٽل ايپليڪيشنز لاءِ هڪ خاص مرڪز هوندو. ان منصوبي جو مقصد علم ۽ مهارت جي منتقلي، سگهه ۾ اضافي ۽ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل ڊجيٽل سلوشنز جي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. ان مرڪز جو آڪٽوبر 2025ع ۾ باضابطا افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي سرڪاري ۽ خانگي شعبن جون اعليٰ اختياريون شرڪت ڪنديون. ملاقات ۾ مستقبل جي منصوبن تي به ڳالهيون ٿيون جن ۾ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي توسيع، ڊيٽا سينٽرز جي قيام ۽ ٽيڪنيڪل ٽيلنٽ ڊولپمينٽ سينٽر جو بنياد به شامل آهي جيڪو خطي ۾ ڊجيٽل رابطي ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل ويزن جي عڪاسي آهي. وفاقي وزير جي او ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ جي فني مهارت ۽ مستقبل جي ويزن جي تعريف ڪئي. هن مصنوعي ذهانت، ڊيٽا سينٽرز، سائبر سيڪيورٽي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊجيٽل نيشن ويزن پاڪستان کي به اجاگر ڪيو. شزا فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ م سهڪار جو بنياد گڏيل ترقي ۽ ڊجيٽل اڳڀرائي تي آهي. گو اي آءِ هب پاڪستان جهڙن قدمن ذريعي اسان جديد ٽيڪنالاجيز ۾ تعاون کي مضبوط، نوجوانن کي ڊجيٽل مهارتن سان بااختيار ۽ هڪ ڳنڍيل ۽ علم تي ٻڌل مستقبل کي پنهنجي گڏيل ويزن کي تيز ڪنداسين. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي او ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ يحييٰ بن صالح المنصور چيو ته اسان کي شزا فاطمه خواجه جي ميزباني تي فخر آهي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جي وسيع امڪانن تي اتفاق ٿيو. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ گروپ جي توسيع اسان جي ان حڪمت عملي جو حصو آهي، جيڪا مختلف موقعا پيدا ڪرڻ ۽ برادر، دوست ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ٻڌل آهي.











