گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وينيسا فريزيئر کي ٻارن ۽ هٿياربند تڪرارن سان لاڳاپيل پنهنجو خاص نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو

گڏيل قومون-04 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش مالٽا جي سفير وينيسا فريزيئر کي ٻارن ۽ هٿياربند تڪرارن سان لاڳاپيل پنهنجو خاص نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪريٽري جنرل جي آفيس جي بيان موجب وينيسا فريزيئر ارجنٽينا جي ورجينيا گامبا جي جڳهه ورتي آهي. هن ورجينيا گامبا جي گڏيل قومن لاءِ خدمتن ۽ عزم کي به ساراهيو. وينيسا فريزيئر وٽ آمريڪي رياست آئيووا …

گڏيل قومون-04 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش مالٽا جي سفير وينيسا فريزيئر کي ٻارن ۽ هٿياربند تڪرارن سان لاڳاپيل پنهنجو خاص نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪريٽري جنرل جي آفيس جي بيان موجب وينيسا فريزيئر ارجنٽينا جي ورجينيا گامبا جي جڳهه ورتي آهي. هن ورجينيا گامبا جي گڏيل قومن لاءِ خدمتن ۽ عزم کي به ساراهيو. وينيسا فريزيئر وٽ آمريڪي رياست آئيووا جي لوٿر ڪاليج مان انساني علم ۾ اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري آهي ۽ هن يونيورسٽي آف مالٽا مان عالمي قانون ۾ سفارتي معاملن ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. وينيسا فريزيئر کي مالٽيز، انگريزي ۽ اطالوي ٻولين ۾ عبور حاصل آهي. اهو عهدو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڊسمبر 1996ع ۾ تخليق ڪيو هو جنهن جو مقصد هٿياربند تڪرارن سبب متاثر ٻارن جي تحفظ کي موثر بڻائڻ، ان سنگين مسئلي تي عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪرڻ، جنگ سٽيل علائقن ۾ ٻارن جي حالت بابت لاڳاپيل معلومات جمع ڪرڻ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي.

مزید خبریں