اسلام آباد-03 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب ٻارن جي تحفظ لاءِ نئون عالمي سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس متعارف ڪرايو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي عالمي سائبر سيڪيورٽي بابت فورم ڊي ڪيو انسٽيٽيوٽ ۽ ٻين عالمي تنظيمن جي سهڪار سان ٻارن جي تحفظ جو سائبرانڊيڪس لانچ ڪري ڇڏيو. اهو انڊيڪس ٻارن لاءِ محفوظ ڊجيٽل ماحول ٺاهڻ ۾ عالمي اڳڀرائي کي جانچڻ جو هڪ اوزار هوندو. اهو انڊيڪس پاليسي سازن کي عملي رهنمائي …
سعودي عرب پاران ٻارن جي تحفظ لاءِ نئون عالمي سائبر سيڪورٽي انڊيڪس متعارف

مزید خبریں
اسلام آباد-03 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب ٻارن جي تحفظ لاءِ نئون عالمي سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس متعارف ڪرايو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي عالمي سائبر سيڪيورٽي بابت فورم ڊي ڪيو انسٽيٽيوٽ ۽ ٻين عالمي تنظيمن جي سهڪار سان ٻارن جي تحفظ جو سائبرانڊيڪس لانچ ڪري ڇڏيو. اهو انڊيڪس ٻارن لاءِ محفوظ ڊجيٽل ماحول ٺاهڻ ۾ عالمي اڳڀرائي کي جانچڻ جو هڪ اوزار هوندو. اهو انڊيڪس پاليسي سازن کي عملي رهنمائي فراهم ڪري ٿو ته جئين اسڪولن، والدين، ٽيڪنالاجي ڍانچي، خانگي شعبي ۽ قومي پاليسين ۾ ٻارن جي تحفظ کي بهتر بڻائي سگهجي. اهو قدم ولي عهد محمد بن سلمان جي ٻارن جي سائبر تحفظ جي عالمي شروعات جو حصو آهي جنهن جو مقصد سڄي دنيا جي 150 ملين کان به وڌيڪ ٻارن تائين پهچڻ ۽ 16 ملين کان به وڌيڪ ماڻهن کي ڊجيٽل سيفٽي جي تربيت ڏيڻ آهي. ان کان اڳ ان فورم 24 ملڪن جي 40 هزار شرڪت ڪندڙن تي ٻڌل هڪ عالمي سروي ڪيو هيو. ان اداري يونيسف جي سهڪار سان 30 کان به وڌيڪ ملڪن ۾ ٻارن لاءِ هيلپ لائن قائم ڪئي ۽ 50 لک کان به وڌيڪ والدين ۽ سرپرستن کي سائبر تحفظ جي تربيت فراهم ڪئي.











