انساني امدادي قافلي کي روڪڻ غزه تي غير قانوني گهيراءَ جي توسيع آهي:گڏيل قومون

 گڏيل قومون-03 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل جي فوج عالمي پاڻين ۾ انساني امداد کڻي ويندڙ شهري جهازن کي روڪڻ غزه پٽي تي غير قانوني گهيراءَ جي توسيع جي برابر آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس جي ترجمان ثمين الخيطان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته قابض طاقت هجڻ سبب، اسرائيل تي لازمي آهي ته هو پنهنجي سموري دستياب صلاحيتن موجب غزه آبادي …

 گڏيل قومون-03 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل جي فوج عالمي پاڻين ۾ انساني امداد کڻي ويندڙ شهري جهازن کي روڪڻ غزه پٽي تي غير قانوني گهيراءَ جي توسيع جي برابر آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس جي ترجمان ثمين الخيطان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته قابض طاقت هجڻ سبب، اسرائيل تي لازمي آهي ته هو پنهنجي سموري دستياب صلاحيتن موجب غزه آبادي لاءِ خوراڪ ۽ طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي. هن چيو ته اسرائيل کي غير جانبداراڻي طور انساني امدادي مصوبن جي فوري ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي ۾ سهڪار ڪرڻ گهرجي. ترجمان مطالبو ڪيو ته اسرائيل انساني امدادي قافلي جي گرفتار ڪارڪنن، جنهن ۾ پاڪستاني ڪارڪنن به شامل آهن انهن جي حقن جو احترام ڪري ۽ انهن کي پنهنجي گرفتاري جي قانوني حيثيت کي چئلينج  ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ياد رهي ته گلوبل صمود فلوٽيلا نالي قافلو گذريل مهيني اسپين مان روانو ٿيو هيو جنهن جو مقصد اسرائيل جو غزه تي گهيراءَ کي ٽوڙڻ آهي ۽ فلسطيني عوام تائين امداد پهچائڻ هيو. قافلي ۾ مشهور ماحولياتي اڳواڻ گريٽا ٿنبرگ، ٻيون عالمي شخصيتون ۽ پاڪستان جو اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان به شامل هيو جيڪو پنج رڪني پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو هيو. اسرائيلي فوج قافلي کي عالمي پاڻين ۾ غزه جي سمنڊ ويجهو روڪي جهازن ۾ سوار ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. ان ڪارروائي سبب سڄي دنيا ۾ شديد رد عمل سامهون آيو آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ڇو ته ان قدم کي عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي تصور ڪيو پيو وڃي. قافلي ۾ 45 ٻيڙيون شامل هيو جن ۾ 400 کان به وڌيڪ ڪارڪنن ۽ امدادي سامان موجود هيو. قافلي جي انتظاميا موجب اسرائيلي بحريا ڪيترن ئي ٻيڙين جو مواصلاتي نظام ختم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڊيوز ۽ لائيو اسٽريمز ۾ ڏيکاريو ويو ته هٿيار بند اسرائيلي فوجي ٻيڙين تي سوار ٿي رهيا آهن ۽ مسافر هٿ کڻي هٿيار ڦٽا ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں