روس پاران ايران خلاف گڏيل قومن جي پابندين جي بحالي کي تسليم کان انڪار

گڏيل قومون-02 آڪٽوبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته هو ايران خلاف گڏيل قومن جي پابندين جي بحالي کي تسليم نٿو ڪري. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ روس جي سفير گذريل ڏينهن روس طرفان آڪٽوبر جي مهيني لاءِ سلامتي ڪائونسل جي صدارت جي شروعات جي موقعي تي پريس ڪانفرنس دوران چئي. گڏيل قومن ڇنڇر جي شام ايران تي ان جي ايٽمي پروگرام سبب هٿيارن جي …

گڏيل قومون-02 آڪٽوبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته هو ايران خلاف گڏيل قومن جي پابندين جي بحالي کي تسليم نٿو ڪري. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ روس جي سفير گذريل ڏينهن روس طرفان آڪٽوبر جي مهيني لاءِ سلامتي ڪائونسل جي صدارت جي شروعات جي موقعي تي پريس ڪانفرنس دوران چئي. گڏيل قومن ڇنڇر جي شام ايران تي ان جي ايٽمي پروگرام سبب هٿيارن جي پابندي سميت ٻيون پابنديون بحال ڪري ڇڏيون. اهو قدم يورپي طاقتن طرفان هڪ طريقيڪار جنهن کي اسنيپ بيڪ چيو ويندو آهي، تحت شروع ڪيو ويو هو. ايران خبردار ڪيو آهي ته ان قدم جو سخت جواب ڏنو ويندو. روس جي سفير چيو ته اسان پابندين کي تسليم نٿا ڪريون.

مزید خبریں