جي – 7 ملڪن جو روس جو تيل خريد ڪندڙ ملڪن تي دٻاءٌ وڌائڻ جو اعلان

واشنگٽن -02 آڪٽوبر (اي پي پي) جي - 7 ملڪن سختي سان خبردار ڪيو  آهي ته هو انهن ملڪن ۽ ادارن تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سنجيده  قدم کڻندا جيڪي روس جي تيل جي خريداري ۾ اضافو ڪري ماسڪو کي پابندين کان بچائڻ لاءِ مدد ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بيان جي - 7 ملڪن جي ناڻي وارن وزيرن پاران گڏيل پڌرائي ۾ سامهون آيو آهي. پڌرائي چيو ويو آهي ته …

واشنگٽن -02 آڪٽوبر (اي پي پي) جي – 7 ملڪن سختي سان خبردار ڪيو  آهي ته هو انهن ملڪن ۽ ادارن تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سنجيده  قدم کڻندا جيڪي روس جي تيل جي خريداري ۾ اضافو ڪري ماسڪو کي پابندين کان بچائڻ لاءِ مدد ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بيان جي – 7 ملڪن جي ناڻي وارن وزيرن پاران گڏيل پڌرائي ۾ سامهون آيو آهي. پڌرائي چيو ويو آهي ته اسان انهن ملڪن ۽ ادارن خلاف واپاري قدم ۽ ٻيون پابنديون  لاڳو ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيا آهيون، جيڪي روس جي جنگي خرچن کي مالي مدد فراهم ڪري رهيا آهن. جي – 7  ملڪن جي ناڻي وارن وزيرن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته روس جي تيل جي روانگي واپار تي وڌ کان وڌ دٻاءُ وڌو وڃي، انهن سمورين ڌرين کي نشانو بڻايو وڃي جيڪي روس جي تيل جي خريداري ۾ اضافو ڪري رهيون آهن.

مزید خبریں