آمريڪا يوڪرين کي روس تي حملن لاءِ ڳجهي معلومات فراهم ڪندو: وال اسٽريٽ جرنل

نيويارڪ -02 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل با خبر ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته  آمريڪا يوڪرين کي روس اندر گهِرائي تائين حملا ڪرڻ لاءِ ڳجهي معلومات فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد روس جي توانائي جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بنائڻ آهي. رپورٽ موجب آمريڪي اڳواڻن نيٽو اتحادي ملڪن کي به چيو آهي ته هو يوڪرين کي ان نوعيت جي انٽيليجنس۽ …

نيويارڪ -02 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل با خبر ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته  آمريڪا يوڪرين کي روس اندر گهِرائي تائين حملا ڪرڻ لاءِ ڳجهي معلومات فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد روس جي توانائي جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بنائڻ آهي. رپورٽ موجب آمريڪي اڳواڻن نيٽو اتحادي ملڪن کي به چيو آهي ته هو يوڪرين کي ان نوعيت جي انٽيليجنس۽ فوجي مدد فراهم ڪن ته جيئن روس اندر وڌيڪ اثرائتا حملا ممڪن ٿي سگهن. ذريعن موجب آمريڪا ان ڳالهه تي به غور ڪري رهيو آهي ته يوڪرين کي ٽوماهاڪ ڪروز ميزائل ۽ باراڪوڊا قسم جا جديد گولابارود فراهم ڪيا وڃن. پر  ان فيصلي تي قطعي منظوري اڃان باقي آهي.

مزید خبریں