پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدي سان علائقائي امن، سلامتي ۽ پائيدار استحڪام کي مدد ملندي: پاڪستان جو سفير

رياض -01 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق سعودي عرب سان پاڪستان جي ويجهن سيڪيورٽي لاڳاپن جي ساراهه ڪندي، دفاعي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻا ۽ تاريخي ڀائپي وارا لاڳاپا آهن، جن جون پاڙون اسان جي گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهرن رابطن م آهن. هن چيو …

رياض -01 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق سعودي عرب سان پاڪستان جي ويجهن سيڪيورٽي لاڳاپن جي ساراهه ڪندي، دفاعي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻا ۽ تاريخي ڀائپي وارا لاڳاپا آهن، جن جون پاڙون اسان جي گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهرن رابطن م آهن. هن چيو ته گڏيل دفاع جي معاهدي تي صحيحيون ٻنهي ملڪن وچ ۾ سالن کان هلنديون پيون اچن، جنهن سان سلامتي جي مضبوطي، خطي اندر ۽ ٻاهر امن کي هٿي وٺائڻ ۽ ويجهي سفارتي سهڪار کي وڌائڻ لاءِ عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن چيو ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ان سان گڏيل طور تي اسان جي اها صلاحيت مضبوط ٿي آهي جيڪا ڪنهن به جارحيت کي روڪڻ لاءِ ضروري هئي. معاهدي مطابق ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي خودمختياري جي دفاع جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ان ۾ اهو به شامل آهي ته ڪنهن به هڪ ملڪ تي حملو ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. معاهدي تي صحيحين کان پوءِ رياض جي اهم عمارت ڪنگڊم ٽاور تي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي جهنڊن کي روشنين سان سجايو ويو. پاڪستاني سفير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته معاشي سهڪار اڳيان وڌي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. اهي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ پڻ موجود آهن. واضح رهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي معاهدو ان وقت طئي ٿيو جڏهن پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو ڪيو هو.  

مزید خبریں