ڪنشاسا- 01 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪانگو جي فوجي عدالت اڳوڻي صدر جوزف ڪابيلا کي غداري جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 54 ورهين جي جوزف ڪابيلا کي اها سزا سندس غير موجودگي ۾ ٻڌائي وئي آهي. اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته هو هن مهل ڪٿي آهي. هن تي حڪومت مخالف گروپ ايم-23 سان رابطن جو الزام آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران بطور سينيٽر …
ڪانگو جي فوجي عدالت پاران اڳوڻي صدر جوزف ڪابيلا کي غداري جي ڏوهه ۾ موت جي سزا

مزید خبریں
ڪنشاسا- 01 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪانگو جي فوجي عدالت اڳوڻي صدر جوزف ڪابيلا کي غداري جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 54 ورهين جي جوزف ڪابيلا کي اها سزا سندس غير موجودگي ۾ ٻڌائي وئي آهي. اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته هو هن مهل ڪٿي آهي. هن تي حڪومت مخالف گروپ ايم-23 سان رابطن جو الزام آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران بطور سينيٽر هن جي تاحيات پارلياماني ڇوٽ مئي جي آخر ۾ ختم ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته ملڪ ۾ موت جي سزا ڏيڻ تي لاڳو پابندي به گذريل سال هٽائي وئي هئي، پر ان تي هن وقت تائين عملدرآمد نه ٿيو آهي.











