قومي سطح تي هر ذميواري سنڀالڻ لاءِ تيار آهيون: فلسطين جو وزيراعظم

والاريل بيت المقدس -01 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين جي وزيراعظم محمد مصطفيٰ چيو آهي، ته حڪومت قومي سطح تي هر ذميواري سنڀالڻ لاءِ تيار آهي، چاهي اهو فوري رليف هجي، غزه جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جا قدم هجن يا اڳ کان جاري جامع سڌارن جو سلسلو هجي. پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطيني وزيراعظم هڪ بيان ۾ واضح ڪيو ته فلسطين عالمي برادري جي انهن ڪوششن جي آجيان ڪري …

والاريل بيت المقدس -01 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين جي وزيراعظم محمد مصطفيٰ چيو آهي، ته حڪومت قومي سطح تي هر ذميواري سنڀالڻ لاءِ تيار آهي، چاهي اهو فوري رليف هجي، غزه جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جا قدم هجن يا اڳ کان جاري جامع سڌارن جو سلسلو هجي. پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطيني وزيراعظم هڪ بيان ۾ واضح ڪيو ته فلسطين عالمي برادري جي انهن ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو جيڪي جنگ بندي ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ جاري آهن. محمد مصطفيٰ  ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قومي ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙن کي گڏ ڪري عملي نتيجا حاصل  ڪيا وڃن ته جيئن سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي مضبوط ڪري سگهجي. هن چيو ته جنگ جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششون اهي حقيقتون آهن جن تي فلسطيني رياست جو بنياد رکي سگهجي ٿو. اهي سمورا قدم بي دخلي، قبضي ۽ فلسطيني اٿارٽي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن جي ڀيٽ ۾ ڍال آهن. سندس چوڻ هو ته اهي قدم آزاد فلسطيني رياست جي قيام ڏانهن اهم اڳڀرائي آهن جيڪي عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي اميدن کي حقيقت ۾ بدلائيندا. واضح رهي ته منصوبي موجب غزه کي هٿيارن کان آجو ڪري هڪ فلسطيني ڪميٽي ۽ عالمي ماهرن تحت هلايو ويندو.

مزید خبریں