رياض-01 آڪٽوبر (اي پي پي ) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي نيابت ڪندي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ مقرر برادر ۽ دوست ملڪن جي نون سفيرن کان سندون وصول ڪيون آهن. پرڏيهي موجب رياض جي قصر يمامه ۾ ٿيل تقريب ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ ٻيا عهديدار به موجود هيا. سعودي ولي عهد مملڪت ۾ نون سفيرن جي آجيان ڪئي …
سعودي ولي عهد کي مملڪت ۾ مقرر نون سفيرن سندون پيش ڪيون

مزید خبریں
رياض-01 آڪٽوبر (اي پي پي ) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي نيابت ڪندي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ مقرر برادر ۽ دوست ملڪن جي نون سفيرن کان سندون وصول ڪيون آهن. پرڏيهي موجب رياض جي قصر يمامه ۾ ٿيل تقريب ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ ٻيا عهديدار به موجود هيا. سعودي ولي عهد مملڪت ۾ نون سفيرن جي آجيان ڪئي ۽ شاهه سلمان بن عبدالعزيز جو مبارڪن وارو پيغام پهچايو، سعودي ولي عهد انهن سان پنهنجن ملڪن ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي مشن ۾ ڪاميابي جي خواهش جو اظهار ڪيو. نون سفيرن به ان موقعي تي سعودي قيادت لاءِ پنهنجي قيادت طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو۽ هنن سعودي عرب پاران پرجوش آجيان ۽ مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪي.











