ڪينيڊا پاران اسرائيل کان غزه لاءِ زميني راهداريون کولڻ جو مطالبو

 اوٽاوا - 30 سيٽمبر(اي پي پي) ڪينيڊا اسرائيل کان غزه ۾ وڏي پيماني تي انساني امداد جي بنا رنڊڪ جي رسائي لاءِ زميني راهداريون کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري مطابق نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند اسرائيل تي زور ڀريو ته هو فلسطيني علائقي ۾ عام شهرين ۽ صحت جي مرڪزن جو تحفظ يقيني بڻائي. انيتا …

 اوٽاوا – 30 سيٽمبر(اي پي پي) ڪينيڊا اسرائيل کان غزه ۾ وڏي پيماني تي انساني امداد جي بنا رنڊڪ جي رسائي لاءِ زميني راهداريون کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري مطابق نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند اسرائيل تي زور ڀريو ته هو فلسطيني علائقي ۾ عام شهرين ۽ صحت جي مرڪزن جو تحفظ يقيني بڻائي. انيتا آنند چيو ته گذريل هفتي جنهن موقف جو اظهار ڪيو ويو هو ڪينيڊا جي پراڻي پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو ، جيڪو فلسطيني عوام جي حق خودراديت ۽ ٻه رياستي حل سان لاڳاپيل آهي ، يعني هڪ اهڙو مستقبل جتي اسرائيلي ۽ فلسطيني امن ۽ سلامتي سان رهن. هن چيو ته ٻه رياستي حل ڪمزور ٿي رهيو آهي جيڪو اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي وسندين جي غير قانوني توسيع مان ظاهر ٿئي ٿو . پرڏيهي وزير چيو ته ڪينيڊا  غزه ۾ انساني امداد لاءِ 340 ملين ڊالرن کان وڌيڪ امداد جو وعدو ڪيو آهي ۽ ان جي فوج فضائي امداد جي فراهمي ۾ به حصو وٺي رهي آهي. هن انهن علائقائي شراڪتدارن جي حمايت جو اظهار ڪيو جيڪي جنگ بندي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن  ۽ ان سياسي عمل ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جيڪو ان بعد شروع  ٿيڻو آهي.اي

مزید خبریں