اسان پنهنجو ايٽمي پروگرام ڪڏهن به ختم نه ڪنداسين: اتر ڪوريا

گڏيل قومون -30 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا ايٽمي پروگرام کي پنهنجي خودمختياري ۽ وجود بابت چيو آهي، ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ايٽمي پروگرام کي ختم نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه نائب پرڏيهي وزير ڪم سون گيونگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ چئي. هن چيو ته اتر ڪوريا کان ايٽمي هٿيارن جي خاتمي جو مطالبو اصل ۾ ان جي خودمختياري ۽ وجود جي …

گڏيل قومون -30 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا ايٽمي پروگرام کي پنهنجي خودمختياري ۽ وجود بابت چيو آهي، ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ايٽمي پروگرام کي ختم نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه نائب پرڏيهي وزير ڪم سون گيونگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ چئي. هن چيو ته اتر ڪوريا کان ايٽمي هٿيارن جي خاتمي جو مطالبو اصل ۾ ان جي خودمختياري ۽ وجود جي حق کان دستبردار هئڻ برابر آهي. اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ايٽمي پروگرام کي ختم نه ڪنداسين. اسان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري تي سمجهوتو نه ڪنداسين، پنهنجي وجود جي حق کي نه ڇڏينداسين. ۽ پنهنجي آئين جي ڀڃڪڙي نه ڪنداسين. ڪم سون گيونگ  چيو ته اسان جي رياست جي دفاعي طاقت ۾ اضافو، جيڪو آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي جارحيت جي وڌندڙ خطرن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، دشمن طاقتن جي جنگي عزمن کي مڪمل طور تي روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي ۽ ٻيٽ نما ڪوريا ۾ طاقت جو توازن قائم رکڻ کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو ته اسان ڪڏهن به پنهنجي ايٽمي پروگرام تان دستبردار نه ٿينداسين. ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي رياستي قانون، قومي پاليسي، خودمختيار حق ۽ اسان جي وجود جو ضامن آهي. ڪنهن به صورتحال ۾ اسان پنهنجي ان موقف تان پوئتي نه هٽنداسين.

مزید خبریں