جده _30 سيپٽمبر (اي پي پي) گلوبل هائوس ڪمپني جده ۾ ٽرمپ ٽاور بعد ٽرمپ پلازه منصوبو لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي مجموعي ماليت هڪ ارب آمريڪي ڊالرز هوندي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪمپني ڊسمبر 2024ع ۾ ٽرمپ ٽاور پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي هئي جيڪو ٽرمپ آرگنائزيشن جي سهڪار سان پهريون وڏو منصوبو هو. ٽرمپ پلازه پروجيڪٽ جده شهر جي دل ۾ ڪنگ عبدالعزيز شاهراهه جي …
گلوبل هائوس ڪمپني پاران جده ۾ ٽرمپ پلازه منصوبو لانچ ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
جده _30 سيپٽمبر (اي پي پي) گلوبل هائوس ڪمپني جده ۾ ٽرمپ ٽاور بعد ٽرمپ پلازه منصوبو لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي مجموعي ماليت هڪ ارب آمريڪي ڊالرز هوندي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪمپني ڊسمبر 2024ع ۾ ٽرمپ ٽاور پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي هئي جيڪو ٽرمپ آرگنائزيشن جي سهڪار سان پهريون وڏو منصوبو هو. ٽرمپ پلازه پروجيڪٽ جده شهر جي دل ۾ ڪنگ عبدالعزيز شاهراهه جي ڀر ۾ هوندو، جنهن ۾ لگزري رهائش ،فليٽس ۽ هوٽلز کان علاوه آفيسرز ۽ فرسٽ ڪلاس ٽائون هائوسز اسڪيم به منصوبي جو حصو آهي . ڪمپني چيو آهي ته پراجيڪٽ جي مرڪزي ۽ اهم حصي تي وسيع پارڪ تعمير ڪيو ويندو جيڪو نيويارڪ جي مشهور سينٽرل پارڪ جي طرز تي هوندو جنهن جي چوڌاري رهائشي يونٽس، فليٽس ۽ هوٽلز هوندا، ٽرمپ پلازه رهائش ، ڪاروبارر ۽ تفريح لاءِ هڪ منفرد مقام هوندو جتي لگزري اپارٽمينٽ ۽ آفيسن کان علاوه ريسٽورينٽس ، ڪافي شاپس ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هوندو.











