لنڊن _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 20 نقاطي منصوبي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي ترقي جي لاءِ فلسطيني عوام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پائيدار امن لازمي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو صدر ٽرمپ جي ان 20 …
وزيراعظم پاران غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 20 نقاطي منصوبي جي آجيان

مزید خبریں
لنڊن _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 20 نقاطي منصوبي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي ترقي جي لاءِ فلسطيني عوام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پائيدار امن لازمي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو صدر ٽرمپ جي ان 20 نقاطي منصوبي جي آجيان ڪري ٿو جنهن جو مقصد غزه ۾ جنگ جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته مون کي اهو به يقين آهي ته فلسطيني عوام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پائيدار امن خطي ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته مون کي پختو يقين آهي ته صدر ٽرمپ پوري طرح تيار آهي ته ان انتهائي اهم ۽ فوري معاملي کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ جنهن حد تائين ضروري ٿيو هر ممڪن تعاون فراهم ڪري. وزيراعظم چيو ته هو صدر ٽرمپ جي قيادت ۽ خصوصي ايلچي اسٽيوو ٽڪوف جي ان جنگ جي خاتمي جي لاءِ ادا ڪيل اهم ڪردار تي کين خراج تحسين پيش ڪري ٿو، خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻه رياستي تجويز تي عملدرآمد ضروري آهي.











